Beauty of Mustafa ﷺ

Book Name:Beauty of Mustafa ﷺ

کوئی مثل مصطفےٰ  کا کبھی تھا  نہ ہے  نہ ہوگا

               کسی اور کا یہ رتبہ کبھی تھا  نہ  ہے  نہ  ہوگا

ياد رکو! جهڙي طرح نبي اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جو ڪمالِ سيرت ۾ ڪو مٽ ناهي، اهڙي طرح تمام اَوَّلين ۽ آخرين ۾ اوهان جي حسن ۽ جمال جهڙو به ڪو ناهي۔ پاڻ صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ذات  حسن ۽ جمال جو اهو عظيم پيڪر آهي جو جنهن جي ديدار سان مُرجھايل پنکڙيون کلي پون ٿيون،  اونداهه دل چمڪي پون ٿا، غمغين دل چين ۽ سڪون Peace)) ماڻن ٿا، اسان جي آقا  ۽ موليٰ ،مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو حُسن ۽ جمال اهڙو بي مثال آهي جو هر صحابي رسول جي اها خواهش ۽ تمنا هوندي هئي ته هر وقت پياري پياري آقا صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي نور ڀري چهري جي زيارت سان فيضياب ٿيندا رهن، ان ڪري صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان حُسن ۽ جمال جي پيڪر، محبوبِ ربِّ اڪبر صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي چهره انور جي ديدارِ سان پنهنجي اکين کي ٿڌاڻ ۽ دلين کي راحت پهچائيندا هئا ۽  مصطفيٰ ڪريم جي چهري جي هڪ جھلڪ انهن جي دلين ۾ هزارين خوشيون آڻيندي هئي۔

حضرت سيدُنا ابُوهريره رَضِىَ الله تَعَالٰی عَـنْهُ زيارتِ رسول جي وقت پنهنجي ڪيفيت بيان ڪندي فرمائن ٿا: اِنِّي ْاِذَارَأَيتُک طَابَتْ نَفْسِي وَ قَرَّتْ عَينِي يعني جڏهن مان پاڻ ڪريم صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زيارت سان فيضياب ٿيندو آهيان ته دل خوشي ۾ جُھومڻ لڳندي آهي ۽ منهنجون اکيون ٿڌيون ٿي وينديون آهن ۔

)مسند امام احمد،۳ /۱۵۱ حديث:۷۹۳۷ملتقطا(

اهڙي طرح  هڪ شخص سرورِ ڪائنات، فَخرِ موجودات صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جي خدمتِ اقدس ۾ حاضر ٿي پاڻ صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو اهڙي طرح ديدار ڪندو هو جو اک به نه ڇنڀندو هو۔ نبي ڪريم، رؤفٌ رَّحيم صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: ائين ڏسڻ جو ڇا سبب آهي؟ عرض ڪيائين:آقا منهنجا ماءُ پيءُ اوهان تي قربان! اوهان جي مبارڪ چهري جي زيارت سان لطف اندوز ٿيندو آهيان۔