Beauty of Mustafa ﷺ

Book Name:Beauty of Mustafa ﷺ

                                                (شفا،الفصل الثانی فی ثواب محبتهٖ،۲/۲۰) 

سُبْحٰنَ اللهعَزَّ  وَجَلَّ !صحابَه ڪرامعَلَيهمُ الرِّضْوَان نبي ڪريم ،رؤفٌ رَّحيم صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي حُسن ۽ جمال جا ڪيترا عاشق هئا جو هر وَقْت پاڻ صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي رُخِ روشن جي نوراني جلون ۾ گم رهندا هئا ۽  سندن نور واري چهري جي تجليات سان پنهنجي دل ۽ دماغ  کي روشن ڪندا هئا، حضور صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي  عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو حُسن ۽ جمال اهڙو بي مثال هو، جيڪو ڏسندو هو ڏسندو ئي رهجي ويندو هو۔ چهره مصطفيٰ کي ڏسي صحابه ڪرام عشقِ رسول ۾ اهڙا فدا ٿيندا هئا جو ڪو چنڊ سان تشبيه ڏيندو هو ته ڪنهن صحابي جي ويجهو مصطفٰي جو چهرو مبارڪ چنڊ کان وڌيڪ حسين هوندو هو، ڪو سج سان تشبيه ڏيندو هو، مطلب ته هر صحابي پنهنجن پنهنجن لفظن ۾عشق جو اظهار ڪندي نبيِ پاڪ، صاحبِ لَولاڪ صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي حسن ۽ جمال کي بيان ڪندا هئا۔

منهنجا آقا، سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه جي قلم به جڏهن حُسن ۽ جمالِ مُصطفيٰ جون برڪتون وٺڻ جي لاءِ پنهنجو دامن پکيڙيو ته الفاظ ڪجھ ائين ترتيب ۾ آيا:

سرور کہوں کہ مالک و مولیٰ کہوں تجھے   

اللہ رے تیرے جسمِ منوّر کی تابِشیں

تیرے تو وَصف عیب تناہی سے ہیں بَری

کہہ لے گی سب کچھ اُن کے ثنا خواں کی خامشی

لیکن رضاؔ نے خَتْم سُخَن اِس پہ کر دیا

باغِ خلیل کا گُلِ زیبا کہوں تجھے

اے جانِ جاں میں جانِ تجلّا کہوں تجھے

حیراں ہُوں میرے شاہ میں کیا کیا کہوں تجھے

چُپ ہو رہا ہے کہہ کے میں کیا کیا کہوں تجھے

خالق کا بندہ خلق کا آقا کہوں تجھے

(حدائقِ بخشش،ص174)

حُسن و جمالِ مصطفیٰ  مرحباصدمرحبا    اَوج و کمالِ مصطفیٰ مرحبا صد مرحبا

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد