Hazrat-e-Isa Ki Mubarak Zindagi

Book Name:Hazrat-e-Isa Ki Mubarak Zindagi

حلقي جي 12 مدني ڪمن مان هفتيوار هڪ مدني ڪم ”يومِ تَعطِيل اِعتِـڪاف“ به آهي۔ موڪل واري ڏينهن شهر جي ڪمزور ۽ قريبي علائقن ڳوٺن ۾ وڃي اتي جي مسجدن کي آباد ڪرڻ سان گڏوگڏ مقامي عاشقان رسول کي نيڪيءَ جي دعوت ڏئي علم دين سکڻ سيکارڻ جي ترڪيب ڪئي ويندي آهي اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ يوْمِ تَعطِيل اِعْتِـڪاف اسلامي ڀائرن کي سُنّتون، آداب ۽ مَدَني دَرس وغيره جو طريقو سيکارڻ جو بهترين ذريعو آهي يومِ تَعطِيل اِعتِـڪاف جي بَرَڪت سان مسجِدون آباد ٿين ٿيون يومِ تَعطِيل اِعْتِـڪاف جي بَرَڪت سان مسجد ۾ گذرندڙ هر هر لَمحو عِبادَت ۾ شُمار ٿيندو يومِ تَعطِيل اِعتِـڪاف جي بَرَڪت سان مسجِد سان مَحَبَّت ڪرڻ ۽ ان ۾ پنهنجو گھڻي کان گھڻو وَقت گُذارڻ جي فضيلت حاصل ٿيندي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ پنهنجو گھڻو وَقت مسجد ۾ گذارڻ جي به ڇا خوب فضيلت آهي....

حضرت سَيدُنا ابُو سَعِيد خُدرِي رَضِىَ الله تَعَالٰي عَـنْه کان روايت آهي ته تاجدارِ رسالت، شهنشاھ نُـبُوّت صَلَّى اللّٰه تَعَالٰى عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: جڏهن توهان ڪنهن شخص کي ڏسو ته هو مسجد ۾ ڪثرت سان اچ وڃ رکڻ وارو آهي ته ان جي اِيمان جي گواهي ڏيو ڇوته الله عَزَّ وَجَلَّ سيپاري 10،سُورَةالتَّوْبَه آيت نمبر 18 ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

اِنَّمَا یَعْمُرُ مَسٰجِدَ اللّٰهِ مَنْ اٰمَنَ بِاللّٰهِ وَ الْیَوْمِ الْاٰخِرِ وَ اَقَامَ الصَّلٰوةَ وَ اٰتَى الزَّكٰوةَ(پ ۱۰ ،التوبه :۱۸)

 ترجموڪنزالايمان: الله جُون مسجدُون ته فقط اُهي ئِي آباد ڪندا آهِن جيڪِي الله ۽ قِيامَت تي اِيمان رکن ۽ نماز قائم ڪندا آهِن ۽ زڪوات ڏيندا آهِن(ترمذي ، ڪتاب الايمان ، با ب ماجا ء في حرمۃ الصلوۃ ،۴/۲۸۰،رقم: ۲۶۲۶)

حديث پاڪ جي هن حصي (ته ان جي ايمان جي گواهي ڏيو) جي تحت مشهور مفسر قرآن، مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ الله تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا ته: ڇو جو هي شيون ايمان جون علامتون آهن. خيال رهي ته هي گواهي اهڙي آهي جيئن ڪهن جو لباس ۽ شڪل ڏسي اسان ان کي مؤمن چوندا آهيون. گواهي مان مراد قطعي فيصلو ناهي. (مفتي صاحب مزيد فرمائن ٿا) هتي مسجد جي آبادي ۾ مسجدن کي چراغان ڪرڻ، ان کي سينگارڻ سڀ داخل آهي.  (مرآة المناجيح، ج. 1، ص. 444 ڏ 445)