Book Name:Hazrat-e-Isa Ki Mubarak Zindagi
اچو! ترغيب طور هڪ مَدَني بهار ٻڌون ٿا،
مان پتنگ بازي(لغڙ اڏائڻ) جو شوقين هئس!
بابُ المدينه (ڪراچي) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جي اڳوڻي زِندگي گُناهن ۾ گذري رهي هئي، پتنگ بازي(لغڙَ اڏائڻ) جو به شوقين هو، ويڊيو گيمز ۽ بلورراند کيڏڻ وغيره ان جي عادتن ۾ شامل هو۔ هر هڪ جي مُعامَلي ۾ ٽنگ اَڙائڻ، ماڻهن سان جھيڙو ڪرڻ، ڳالھ ڳالھ تي ڪٽ ڪرڻ جهڙين بُرائين ۾ گِرِفتار هو۔ خُوش قسمتي سان هڪ اسلامي ڀاءُ جي اِنفِرادي ڪوشِش تي هو رَمَضانُ المُبَارَڪ جي آخري عَشَري ۾ پنهنجي عَلائقي جي مسجد ۾ اعتڪاف ڪيو، جتي ان کي سٺا سٺا خواب نظر آيا ۽ گھڻو سُڪون مليو۔ ان کان پوءِ ان وڌيڪ 2 سال اعتڪاف جي سَعَادَت حاصِل ڪئي۔ هڪ ڀيري ان جي مسجِد جي مُؤَذِّن صاحِب اِنفِرادي ڪوشِش ڪري اُن کي تبليغِ قرآن ۽ سنّت جي عالمگير غير سياسي تَحريڪ دعوتِ اسلامي جي عالَمي مَدَني مرڪز فَيضانِ مدينه(باب المدينه ڪراچي) ۾ هفتيوار سُنّتن ڀري اِجتِماع ۾ وٺي آيو۔ هڪ مُبَلِّغِ دعوتِ اسلامي سُنّتن ڀريو بَيان ڪري رهيا هئا جيڪي سفيد لِباس ۽ ناسي چادر ۾ هئا، چهري تي هڪ مٺ ڏاڙھي ۽ مٿي تي سبز سبز عِمامي شريف جو تاج سجايل هو۔ اهڙو بارونق چهرو ان زِندگي ۾ پهريون ڀيرو ڏٺو هو۔ مُبَلِّغ جي چهري جي ڪشِش ۽ نُورانيت ان جي دل کٽي ورتي ۽ هو دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته ٿي ويو۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اُن هڪ مُٺ ڏاڙھي به سجائي ورتي آهي۔
بگڑے اَخْلاق سارے سَنْوَر جائیں گے |
| مَدَنی ماحول میں کرلو تُم اِعْتِکاف |
جامِ عشقِ مُحمد بھی ہاتھ آئے گا |
| مَدَنی ماحول میں کرلو تُم اِعْتِکاف |
(وسائل بخشش مرمم،ص۶۴۰-۶۴۱)
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! الله تعالٰي رسولِ اڪرم صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن کي به