Book Name:Hazrat-e-Isa Ki Mubarak Zindagi
جيئن پاڻي ۾ لوڻ (Salt) ڳرندو آهي، پاڻ (عَلَيۡه السَّلَام) ان جي پٺي ۾ نيزو هڻندا، ان سبب اهو واصِلِ جهنَّم ٿيندو۔ (بهار شريعت،۱/۱۱۶تا۱۲۲ ملتقطاً)
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اڄ جي هن هفتيوار سُنّتن ڀري اِجتِماع ۾ اسان ٻڌو ته
v حضرت سَيدُنا عيسيٰ عَلَيۡه السَّلَام زِنده آهن ۽ قُربِ قِيامت ۾ تشريف کڻي ايندا۔
v حضرت سَيدُنا عيسيٰ عَلَيۡه السَّلَام سادَگي پسند ۽ زُهد و قَناعَت اِختيار ڪيل هئا۔
v حضرت سَيدُنا عيسيٰ عَلَيۡه السَّلَام جي والِده جنّتي عَورتن جي سَردار آهن۔
v حضرت سَيدُنا عيسيٰ عَلَيۡه السَّلَام جي والِده کي جَنَّتُ النَّعِيم ۾ مالڪ ڪوثَر ۽ جَنّت، شمعِ بزمِ هدايت صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زَوجِيت جو شَرَف حاصِل ٿيندو۔
v حضرت سَيدُنا عيسيٰ عَلَيۡه السَّلَام پيدا ٿيندي ئي ڪلام فرمايائون پنهنجي بندگي ۽ والِده جي پاڪدَامَني جي گواهي ڏني۔
v حضرت سَيدُنا عيسيٰ عَلَيۡه السَّلَام پکين کي پيدا، مُردُن کي زِنده ۽ بَرَص جي مَرِيضن کي شِفا ياب فرمايائون۔
v حضرت سَيدُنا عيسيٰ عَلَيۡه السَّلَام جانورن جو ذِڪر به سٺن لفظن سان ڪندا هئا۔
v حضرت سَيدُنا عيسيٰ عَلَيۡه السَّلَام پنهنجي زبان کي هميشه بُري ڳالهين کان محفوظ رکيو۔
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد