Hazrat-e-Isa Ki Mubarak Zindagi

Book Name:Hazrat-e-Isa Ki Mubarak Zindagi

ائين گفتگو فرمايائون؛

فَنَادٰىهَا مِنْ تَحْتِهَاۤ اَلَّا تَحْزَنِیْ قَدْ جَعَلَ رَبُّكِ تَحْتَكِ سَرِیًّا(۲۴)وَ هُزِّیْۤ اِلَیْكِ بِجِذْعِ النَّخْلَةِ تُسٰقِطْ عَلَیْكِ رُطَبًا جَنِیًّا٘(۲۵)فَكُلِیْ وَ اشْرَبِیْ وَ قَرِّیْ عَیْنًاۚ-(پ 16، مريم؛ 24، 26)

 ترجموڪنزالايمان: آواز آيو ان جي هيٺين پاسي کان ته غم نه ڪر بيشڪ تنهنجي رب تنهنجي هيٺان هڪ نهر جاري ڪئي آهي ۽ کجي جي ٿڙ کي وٺي پاڻ ڏي لوڏو ڏي ته تو تي تازي پڪل کجور ڪرندي پوءِ کاءُ ۽ پيءُ، اکيون ٺار۔

 مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! سڪل وڻ ۾ ميوو لڳڻ ۽ نهر جو اوچتو جاري ٿيڻ بيشڪ اهي ٻئي حضرت مريم رَضِیَ الـلّٰـهُ تَعَالٰی عَـنْهَا جون ڪرامتون آهن، حضرت بيبي مريم رَضِیَ الـلّٰـهُ تَعَالٰی عَـنْهَا جڏهن ننڍڙيون هيون ۽ بيت المقدس جي محراب ۾ عبادت (Worship) ڪنديون هيون ته بنا ڪنهن محنت جي اتي بغير مند جي ميوا ملندا هئا، پر حضرت عيسيٰ عَلَيۡه السَّلَام جي پيدائش کان پوءِ پڪل کجيون ته حضرت مريم رَضِیَ الـلّٰـهُ تَعَالٰی عَـنْهَا کي ضرور مليون پر خداوند تعاليٰ جو حڪم ٿيو ته کجيءَ جون پاڙون لوڏ تڏهن کجيون ملنديون، هن مان اهو سبق مليو ته ماڻهو جيستائين صاحب اولاد ناهي ٿيندو ان کي بنا محنت جي به روزي ملي ويندي آهي ۽ ڪٿي نه ڪٿي کائي پي وٺندو آهي، پر جڏهن انسان اولاد وارو ٿيندو آهي ته ان تي لازم آهي ته محنت ڪري روزي حاصل ڪري، ڏسو حضرت مريم رَضِیَ الـلّٰـهُ تَعَالٰی عَـنْهَا جيستائين اولاد واريون نه هيون ته بنا محنت ۽ مشقت جي انهن کي عبادت جي جاءِ (محراب) ۾ ميون جي روزي ملندي هئي، پر جڏهن انهن جا پٽ حضرت عيسيٰ عَلَيۡه السَّلَام پيدا ٿيا ته هاڻي رب جو اهو حڪم ٿيو ته کجي جي وڻ کي لوڏو ڏي ۽ محنت ڪر ۽ ان کان پوءِ کجيون ملنديون۔ (عجائب القرآن، ص۱۶۸)

اب تک اَولاد سے جو ہیں مَحروم

 

اُن کی بھر گود اے رَبِّ قَیُّوم

سب کو رَحمت کی اپنی عطا کی

 

میرے مَوْلیٰ تُو خَیْرَات دیدے

(وسائل  بخشش مرمم ،۱۲۸)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هينئر جيڪو واقِعو اسان ٻڌو هي واقِعو دعوتِ اسلامي جي اِشاعتي اِداري مڪتبة المدينه جي ڪتاب”عَجائبُ القُرآن مَعَ غَرائِب