Hazrat-e-Isa Ki Mubarak Zindagi

Book Name:Hazrat-e-Isa Ki Mubarak Zindagi

اهو ئي تقاضو هو ته پنهنجي والده تي لڳندڙ تهمت کي پري ڪرڻ کان اڳ ۾ هن تهمت کي پري ڪن جيڪا الله تعالٰي تي لڳائي وڃڻ واري هئي۔ الله اڪبر! سچ آهي ته خداوند قدوس جنهن کي نبوت جي شرف سان نوازيندو آهي يقينًا ان جي ولادت نهايت پاڪ ۽ صاف ۽ طاهر ٿيندي آهي ۽ ننڍپڻ کان ان جي نبوت جا اعليٰ آثار ظاهر ٿيڻ لڳندا آهن۔ (عجائب القرآن،۱۷۰ ملخصاً)

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! حضرت سَيدُنا عيسيٰ روحُ الله عَلٰى نَبِينَا وَ عَلَيۡه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام جي گفتگو مان اسان کي اهو مَدَني گل به مليو ته نَماز ۽ زڪوٰة جي ادائيگي ۽ والِده سان حُسنِ سُلُوڪ ڪرڻ نهايت ئي قديم عبادات ۽ انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام جو پسنديده طريقو رهيو آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! اها اهڙي پياري عبادت آهي جو شَرِيعَتِ مُطَهره به اسان کي انهن شين جو حُڪم اِرشاد فرمايو آهي پر افسوس! هاڻي مسجِدون خالي ۽ بُرائي جا اڏا آباد نظر پيا اچن، زڪوٰة ڪڍڻ جي مُعَامَلي ۾ ٽال مَٽول کان ڪم ورتو پيو وڃي، زڪوٰة جا مُستَحِقّ دَر دَر تي ڌڪا کائڻ تي مَجبور آهن، اها امڙ جنهن جي قَدَمن هيٺ جَنَّت آهي انهيءَ ماءُ (Mother) سان بَدسُلوڪي جو مُظَاهرو ڪيو پيو وڃي، مُسلمانن کي آخر ڇا ٿيو آهي؟ اسان جون مسجدون ٻيهر ڪڏهن کان آباد ٿينديون؟ ڪهڙي ڏينهن نَمازين ۾ اِضافو ٿيندو؟، ڪيستائين ائين ئي زڪوٰة جي ادائيگي ۾ سُستِيون ٿينديون رهنديون؟ آخر اهو سِلسِلو ڪيستائين ائين ئي هلندو رهندو؟

نماز و روزہ و حج و زکوٰۃ کی تَوْفِیْق                عطا ہو اُمّت ِ مَحبوب کو سَدا یاربّ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! هونءَ ته حضرت سَيدُنا عيسيٰ رُوحُ الله عَلٰى نَبِينَا وَ عَلَيۡه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام جي ذات مان وَقت بوَقت مُختَلِف مُعجِزن جو ظُهور ٿيندو رهيو پر ڪي مُعجِزا اهڙا به ظاهر ٿيا جو گھڻا وڌيڪ مَشهور ٿيا۔ اچو! اُن مُعجِزَن جو ڪجھ تَفصِيل ملاحظه فرمايو، جيئن ته