Hazrat-e-Isa Ki Mubarak Zindagi

Book Name:Hazrat-e-Isa Ki Mubarak Zindagi

پوڻ تي ٻين اسلامي ڀينرن جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندَس ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندَس، گھوري ڏسڻ ڇڙٻ ڏيڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ پست آواز سان جواب ڏيندَس. اجتماع کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندَس۔ دورانِ بيان موبائل جي غير ضروري استعمال کان بچندَس، نه بيان ريڪارڊ ڪندَس نه ئي ٻئي ڪنهن قسم جي آواز (ڇو ته ان جي اجازت ناهي) جيڪو ڪجهه ٻڌندَس ان کي ٻڌي ۽ سمجهي ڪري ان تي عمل ڪري ان کان پوءِ ٻين تائين پهچائي ڪري نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندَس.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! الله تعالٰي ماڻهن جي هدايت ۽ رَهنمائي جي لاءِ جن پاڪ ٻانهن کي پنهنجا اَحڪام پهچائڻ جي لاءِ موڪليو انهن کي ”نبِي“ چئبو آهي، اَنبياءِ ڪرام عَلَيهمُ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام اهي بَشَر (اِنسان) آهن جن وٽ الله تعالٰي جي طرفان وَحي ايندي آهي۔ اها وَحي ڪڏهن ملائڪ جي ذَرِيعي ايندي آهي (۽) ڪڏهن بي واسِطه (يعني بغير ڪنهن ذَرِيعي جي)۔ نبي سڳورا عَلَيهمُ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام گُناهن کان پاڪ آهن (۽) انهن جون عادَتون نِهايت پاڪيزه هونديون آهن۔ انهن جو نالو، نَسَب (خانداني سِلسِلو)، جِسم، قَول (ڪلام)، فِعل (ڪم)، حَرَڪات و سَڪنَات (عادتون ۽ طريقا) سڀني کان اعليٰ دَرَجي جا ۽ نَفرَت ڏياريندڙ ڳالهين کان پاڪ هوندا آهن، انھن کي الله تعالٰي ڪامل عَقل عطا فرمائيندو آهي۔ دُنيا جو وڏي کان وڏو عَقَلمَند (Intelligent) انهن جي عَقل جي ڪروڙوين دَرَجي تائين به نٿو پهچي سگھي۔ انهن کي الله تعالٰي غَيب جي ڳالهين کان آگاھ ڪندو آهي، اهي رات ڏينهن الله تعالٰي جي اِطاعت ۽ عِبادت ۾ مَشغُول رهندا، ٻانهن کي الله تعالٰي جو حُڪم پهچائيندا ۽ ان جو رَستو ڏيکاريندا آهن۔ انهن نبين سڳورن عَلَيهمُ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام مان جيڪي نئين شَرِيعَت کڻي آيا انهن کي رَسُول چيو ويندو آهي۔ اَنبياءِ ڪرام عَلَيهمُ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام جي رتبن (يعني