Hazrat-e-Isa Ki Mubarak Zindagi

Book Name:Hazrat-e-Isa Ki Mubarak Zindagi

سڀ کان آخِر ۾ منهنجي خُوشخبري ڏيڻ وارا حضرت عيسٰي اِبنِ مَريم عَلَيۡه السَّلَام  هئا۔(ڪنزالعمال،ڪتاب الفضائل،فضائل نبينا محمد …الخ، ۱۱/۱۸۲،حديث: ۳۱۸۸۶ )

ارشاد فرمايائون: منهنجي ۽ حضرت عيسيٰ عَلَيۡه السَّلَام جي وچ ۾ ڪو نَبِي ناهي،هو (قُربِ قِيامت ۾ آسمان تان) لهندا، جڏهن توهان انهن کي ڏسندؤ ته سڃاڻي وٺندو، سندن رَنگ سُرخِي مائل سَفيد هوندو،قَد وچولو هوندو،هو هلڪي پيلي رَنگ جا ٻه (2) حُلّا (لِباس) پهريل هوندا، انهن تي تَرِي نه هوندي پر ڄڻ ته مٿي مان پاڻي جا قَطرا ٽمي رهيا هوندا، هو خِنزِير کي قَتل ڪندا، الله تعالٰي انهن جي زَماني ۾ اِسلام جي عِلاوه باقِي سمورن مَذهبن کي ختم ڪري ڇڏيندو، حضرت عيسيٰ عَلَيۡه السَّلَام مَسِيح دَجَّال کي هلاڪ ڪندا، چاليھ سال زمين ۾ قِيام ڪرڻ (رهڻ) کان پوءِ وَفات ڪري ويندا ۽ مُسَلمان انهن جي جنازي نماز پڙھندا۔(ابوداود،اول ڪتاب الملاحم، باب ذڪر خروج الدجال،۴/۱۵۸،حديث: ۴۳۲۴ ملتقطاً)

اِرشاد فرمايائون:الله تعاليٰ حضرت عيسيٰ عَلَيۡه السَّلَامکي موڪليندو ته هو جامِع مسجِد دِمَشق جي سَفيد مَشرِقِي مَناري تي هن حال۾لهندا جو پاڻ عَلَيۡه السَّلَام هلڪي پيلي رنگ جا ٻه حُلّا (لِباس) پاتل هوندا ۽ پاڻ عَلَيۡه السَّلَام ٻن (2) ملائڪن جي ٻانهن تي هٿ رکيل هوندا، جڏهن پاڻ عَلَيۡه السَّلَام مٿو هيٺ ڪندا ته پاڻي جا ڦرا ٽمي رهيا هوندا ۽ جڏهن پاڻ عَلَيۡه السَّلَام مٿو کڻندا ته موتين وانگر سَفيد چاندي جا داڻا ڇڻي رهيا هوندا۔ (مسلم،ڪتاب الفتن واشراط الساعة،باب ذڪر الدجال…الخ،ص۱۲۰۱، حديث: ۷۳۷۳، ملتقطاً)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! حضرت سَيدُنا عيسيٰ رُوحُ الله عَلٰى نَبِينَا وَ عَلَيۡه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام جي مُبارَڪ زِندگي جو هڪ روشن پهلو هي به آهي ته پاڻ عَلَيۡه السَّلَام نِهايت ساده طَبِيعَت جا مالِڪ هئا ۽ عاجِزِي ۽ انڪساري جي لازَوال دَولت سان مالا مال هئا، پاڻ عَلَيۡه السَّلَام چاهن ها ته وڏي عيش عشرت سان زِندگي گذارين ها، مال ۽ دَولت جو اَنبار (Heaps of wealth) جمع ڪري وٺن ها، تمام مهانگو لِباس پائن ها،