Hazrat-e-Isa Ki Mubarak Zindagi

Book Name:Hazrat-e-Isa Ki Mubarak Zindagi

منهنجو کاڌو خشڪ پن وغيره آهن، زمين جو گاھ ۽ ڀاڄيون وغيره منهنجي لاءِ ميون (Fruits) وانگر آهن، انهن مان ئي جانورن کي خُوراڪ ملندي آهي، اها ئي سبزي ۽ نباتات مان کائيندو آهيان، منهنجو لِباس اُن آهي، الله عَزَّوَجَلَّ کا ڊڄڻ منهنجو شِعَار (علامت) آهي ۽ مَسڪين ۽ فُقَرَا منهنجا وڌيڪ مَحبوب رَفِيق (دوست) آهن۔ مان صُبح هن حالت ۾ ڪندو آهيان جو مون وٽ دُنياوي شين مان ڪا شيء ناهي هوندي ۽ اهڙي ئي حالت ۾ شام ڪندو آهيان جو مون وٽ ڪا دُنياوي شيء ناهي هوندي پر پوءِ به مان هن ڳالھ جي پَرواه ناهيان ڪندو ته فُلاڻو شخص ايترو مال دار آهي۔ مان پنهنجي هن حالت ۾ پنهنجو پاڻ کي گھڻو خُوش قِسمَت ۽ گھڻو وڌيڪ غَنِي سمجهندوآهيان (يعني مان هن حال ۾ به پنهنجي ربّ عَزَّوَجَلَّ جي رِضا تي راضِي آهيان)۔ پاڻ عَلَيۡه السَّلَام جي باري ۾ اهو به بَيان ڪيو ويندو آهي ته پاڻ عَلَيۡه السَّلَام هڪ ئي اُن جي جُبّي ۾ پنهنجي زِندگيءَ جا 10 سال گذاري ڇڏيا، جڏهن اهو جُبّو ڪٿان کان ڦاٽي پوندو هو ته ان کي رَسِّي سان ٻَڌي وٺندا هئا يا چتي لڳائيندا هئا۔ (عيون الحڪايات، الحڪاية الثامنةو التسعون من نصائح عيسي  ۔۔۔الخ ،۱/۱۱۸)

رہُوں مَسْت و بے خُود میں تیری وِلا میں                     پِلا جام ایسا پِلا یاالٰہی

مِرے دِل سے دُنیا کی چاہت مِٹا کر                        کر اُلفت میں اپنی فَنَا یاالٰہی

(وسائل بخشش مرمم ،۱۰۵)

سُبْحٰنَ الله عَزَّ وَجَلَّ ! ٻڌو اوهان ته حضرت سَيدُنا عيسيٰ رُوحُ الله عَلٰى نَبِينَا وَ عَلَيۡه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام ڪيتري قَدَر سادَگي پسند، اِختِياري بُک ۽ اُڃ بَرداشت ڪرڻ ۽ زُهد ۽ قَناعَت اپنائڻ وارا، سَخت سَياري جي راتين ۾ به نمازون پڙھڻ کي پسند ڪرڻ وارا، خَوفِ خُدا سبب روئڻ ۽ فقيرن ۽ مسڪينن سان مَحبَّت ڪرڻ وارا ۽ مالدارن کان بي نِياز هئا۔ هاڻ اسان پاڻ عَلَيۡه السَّلَام جي مُبارَڪ زِندگي کي سامهون رکندي فڪر مدينه يعني پنهنجو اِحتِساب ڪريون ته ڇا اسان به سادگيءَ کي پسند ڪريون ٿيون؟ ڇا اسان به سرديءَ گَرميءَ ۾ به نمازن جو اِهتِمام ڪيون ٿيون؟ ڇا اسان کي به ڪڏهن خَوفِ خُدا سبب روئڻ آيو؟، ڇا اسان به فُقَرَا ۽ مسڪينن سان مَحبَّت ڪيون ٿيون؟ ڇا اسان به دُنيا جي مَحَبَّت کان پري ڀڄون ٿيون؟، ڇا