Ghaus e Pak Ki Karamat

Book Name:Ghaus e Pak Ki Karamat

ظاهر ٿي وڃي جيڪا عام طور تي عادتًا ناهي ٿيندي ته ان کي ڪرامت چوندا آهن. اهڙي قسم جون شيون جيڪڏهن انبياء عَـلَيْـهِمُ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام کان اعلانِ نبوت ڪرڻ کان پهريان ظاهر ٿين ته اِرهاص ۽ اعلانِ نبوّت کان پوءِ ظاهر ٿين ته معجزو چورائينديون آهن ۽ جيڪڏهن عام مومنن کان اهڙين شين جو ظهور ٿئي ته ان کي مَعُونَت چوندا آهن ۽ ڪنهن ڪافر کان ڪڏهن ان جي خواهش جي مطابق هن قسم جي شي ظاهر ٿي وڃي ته ان کي اِسۡتِدرَاج چيو ويندو آهي. (النبراس شرح شرح العقائد ، اقسام الخوارق سبعۃ ، ص۲۷۲ ملخصاً(کراماتِ صحابہ،ص۳۶)) صدرُ الشَّرِيعه، بَدرُ الطَريقَه حضرت علّامه مَولانا مُفتي امجَد عَلي اَعظَمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا ته ڪرامتِ اولياء حق آهي، ان جو منڪر گمراهه آهي(بہارِ شریعت،حصہ اول،۱/۲۶۹) ڪرامت جون تمام گهڻيون قسمون آهن مثلًا مردن کي زندهه ڪرڻ، انڌن ۽ ڪوڙهِين کي شفا ڏيڻ، وڏي سفر کي لمحي ۾ پورو ڪري ڇڏڻ، پاڻي تي هلڻ، هوائن ۾ اُڏرڻ، دل جي ڳالهه ڄاڻي وٺڻ ۽ پري جي شين کي ڏسي وٺڻ وغيره وغيره.......

هتي اها ڳالھ به ذهن نشين رهي ته اصل ڪرامت، شَرِيعَت ۽ سُنَّت تي اِستِقامت سان عمل ڪرڻ آهي، جيئن ته حضرت سَيدُنا شيخ ابوالقاسم گُرگاني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: پاڻي تي هلڻ، هوا ۾ اُڏامڻ ۽ غَيب جون خبرون ڏيڻ ڪرامت ناهي بلڪه ڪرامت هي آهي ته اهو شخص سراپا اَمر بڻجي وڃي يعني شريعت جو مُطِيع ۽ فرمانبدار ٿي وڃي اهڙي طرح جو ان کان حرام جو صُدور نه ٿئي۔ (کيميائے سعادت، رڪنِ سوم مهلڪات ، اصل دھم ،۲/ ۷۴۹) حضرت سَيدُنا ابُو يزيد بِسطامي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: جيڪڏهن توهان ڏسو ته ڪنهن کي ايتريون ڪرامتون ڏنيون ويون آهن جو هو هوا ۾ اُڏامي ٿو ته ان جي ڌوکي ۾ نه اچو ايستائين جو ڏسو ته هو الله عَزَّوَجَلَّ جي اَمر ۽نهي ۽ حِفظِ حُدود ۽ اَداءِ شريعت ۾ ڪهڙو آهي (يعني الله تعاليٰ جن ڳالهين جو حڪم ڏنو آهي اُن تي عمل ڪري ٿو يا نه ۽ جن ڳالهين کان منع ڪيو آهي اُن کان پاسو ڪري ٿو يا نه، شريعت جي حَدّن ۽ ان جي پَيرَوِي جو ڪيترو خيال رکي ٿو)۔ (شعب الايمان ،باب في نشرالعلم،۲/ ۳۰۱، رقم:۱۸۶۰) 

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! مَحبوبِ سُبحاني، غَوثِ صَمَداني، قِنديلِ نُوراني،