Ghaus e Pak Ki Karamat

Book Name:Ghaus e Pak Ki Karamat

میں بن جاؤں سَراپا ”مَدَنی انعامات“ کی تصویر

بنوں  گا  نیک   یااللہ اگر  رَحمت  تِری   ہوگی

(وسائل بخشش مرمم،ص۳۹۳)

الله تعاليٰ اسان کي به مَدَني اِنعامات تي عمل ڪرڻ ۽ روزانو فِڪرِ مدينه جي ذَرِيعي مَدَني اِنعامات جو رِساله ڀري ڪري پنهنجي ذِميدار کي جمع ڪرائڻ جو معمول بڻائڻ جي تَوفِيق عطا فرمائي۔

اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                                                                                                          صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! الله عَزَّوَجَلَّ تمام گھڻو ڪريم آهي هو پنهنجي بَرگُزِيدَه (پسنديده ڪيل) ٻانهن کي تمام وڌيڪ اِختيار عطا ڪندو آهي، مَلَڪ ۽ فَلَڪ، زمين ۽ آسمان، بَحر ۽ بَر، جِنّ ۽ انسان ۽ چرند ۽ پرند تي انهن جي حڪومت قائم هوندي آهي بلڪ دنيا جي هر شيء انهن جي تابع ڪئي ويندي آهي۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّ وَجَلَّ اسان جا غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي به اها شان ۽ ڪرامت هئي ته جهڙي طرح جنن ۽ انسانن تي پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي حڪمراني جو سڪو هلندو هو اهڙي طرح پکي (Birds) به سندن رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي حڪم اڳيان سرِ جهڪائيندا هئا۔ اچو! هن باري ۾ حُضور غَوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي هڪ ڪرامت جي متعلق  ٻڌو ۽ خوش ٿيو،جيئن ته،

جڏهن حضرت ابوالحسن اَزْجِي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه بيمار ٿيا ته حُضور غوثُ الاعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه عِيادت جي لاءِ تشريف وٺي آيا، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه انهن جي گھر هڪ ڪبوتري ۽ هڪ قُمري کي ويٺل ڏٺائون۔ حضرت ابوالحسن اَزجِي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه چيائين: اها ڪبوتري ڇھ (6) مهينن کان آنا نٿي لاهي ۽ اها قُمري 9 مهينن کان نٿي ٻولي، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ڪبوتري وٽ بيهي چيائون: پنهنجي مالِڪ کي فائدو پهچاءِ ۽ قُمري کي چيائون: پنهنجي خالِق عَزَّوَجَلَّ جي تسبيح بيان ڪر، قُمري ان