Ghaus e Pak Ki Karamat

Book Name:Ghaus e Pak Ki Karamat

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                                                          صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اسان جي غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه تي ربّ تعاليٰ جو اهو خاص فضل ۽ احسان هو جو جهڙي طرح حياتِ ظاهري ۾ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي ڪرامتن، عنايتن، فيض ۽ بَرَڪتن ۽ تَصَرُّفات جو سلسلو جاري ۽ ساري رهيو، اهڙي طرح وِصال کان پوءِ مَزارِ اَنور ۾ وڃڻ کان بعد به سندن عنايتن، ڪرامتن ۽ تَصَرُّفات جو سلسلو بدستور قائم ۽ دائم آهي، ائين ڇو نه هجي جو پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ته الله عَزَّ وَجَلَّ جا مُقَرَّب ولي بلڪه اولياءِ ڪرام رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهم اَجْمَعِين جا سردار آهن ۽ اولياءِ ڪرام رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهم اَجْمَعِين الله تعاليٰ جي عطا سان پنهنجن مَزارن ۾ نه صرف حَيات هوندا آهن بلڪ زائرين کي ڏسندا، سڃاڻيندا، انهن جي هدايت ۽ مدد ڪندا ۽ کوڙ تَصَرُّفات فرمائيندا آهن، جيئن ته حضرت سَيّدُنا اِمام اسماعيل حقّي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: نبين، ولين ۽ شهيدن جا جسم قبرن ۾ نه ئي تبديل ٿيندا آهن ۽ نه ئي پراڻا ٿيندا آهن ڇو ته الله عَزَّوَجَلَّ انهن جي جسمن کي ان خرابي سان جيڪا گوشت جي ڳرڻ سڙڻ سان پيدا ٿيندي آهي، محفوظ رکيو آهي (روح البیان،پ۱۰،التوبة،تحت الآیة:۴۱ ،۳/۴۳۹) مشائخ عظام رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهم اَجْمَعِين جو فرمان آهي : چار بزرگ اهي آهن جيڪي اهڙي طرح تَصَرُّف فرمائيندا آهن جيئن پنهنجي زندگي ۾ تَصَرُّف فرمائيندا هئا(اهي وفات ٿي وڃڻ کان بعد حيات کان) ڪئي ڀيرا وڌيڪ تَصَرُّف فرمائيندا آهن: حضرت سَيدُنا مَعروف ڪرخي، حضرت سَيدُنا شَيخ عبدُ القادِر جِيلانيرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهُمَا ۽ ٻه انهن جي عِلاوه آهن۔ (لمعات التنقيح،ڪتاب الجنائز،باب زيارة القبور،۴/۲۱۵،تحت الباب:۸) حضرت علّامه علي قاري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه   فرمائن ٿا: فَلَا فَرْقَ لَهُم فِي الْحَالَيْنِ وَلِذَا قِيْلَ اَوْلِيَاءُ اللهِ لَا يَمُوْتُوْنَ وَلٰكِنْ يَّنْتَقِلُوْنَ مِنْ دَارٍ اِلٰى دَارٍ يعني الله جي ولين جي ٻنهي حالتن (زندگي ۽ موت) ۾ هرگز (ڪو) به فرق ناهي، ان لاءِ چيو ويندو آهي ته اهي مرندا ناهن بلڪه هڪ گهر کان ٻي گهر ۾ تشريف کڻي ويندا آهن.(مرقاة المفاتيح، ڪتاب الصلوٰة، باب الجمعة،فصل الثالث،۳/۴۵۹،تحت حديث: ۱۳۶۶)