Ghaus e Pak Ki Karamat

Book Name:Ghaus e Pak Ki Karamat

دَستگير رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي ڪرامتن جي باري ۾ مختلف دلچسپ واقعا ٻڌڻ جي سعادت حاصِل ڪئي ته

v     اسان جا غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه  مُسْتَجَابُ الدَّعْوَات هئا۔

v     اسان جا غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه  باڪرامت ۽ پيدائشي ولي هئا۔

v     اسان جا غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه حُضورصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سُنّتن جا پابند هئا۔

v     اسان جا غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه بيمارن جي عيادت ڪندا هئا۔

v     اسان جا غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجن مريدن جي حاجت پوري ڪندا هئا۔

v     اسان جي غوث پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه  جو مريدن جي حاجت پوري ڪرڻ هينئر به بي مثال آهي

v     اسان جي غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي دُعائن سان ماڻهن جي مال ۽ دَولت ۾ اضافو ٿي ويندو هو ۔

v    اسان جا غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه غريبن، فقيرن، مسڪينن ۽ مُحتاجن جي مدد ڪرڻ وارا هئا۔

الله عَزَّ وَجَلَّ اسان کي غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي سچي پڪي غلامي نصيب فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                       صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

مٺامٺا اسلامي ڀائرو !بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                       صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد


 

 



[1]مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵