Book Name:Ghaus e Pak Ki Karamat
مجھ کو جذبہ دے سفر کا کرتارہوں پروردگار سنتوں کی تربیت کے قافلے میں بار بار
(وسائل بخشش مرمم،ص۶۳۵)
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد
دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سنتن ڀري
اِجتِماع ۾ پڙهيا ويندڙ6 درود شريف ۽ 2 دعائون
﴿1﴾ جمعه جي رات جو دُرُود
اَللّٰھُمَّ صَلِّ وَسَلِّمْ وَبَارِكْ عَلٰی سَیِّدِنَا مُحَمَّدٍ النَّبِیِّ الْاُمِّیِّ الْحَبِیْبِ الْعَالِی الْقَدْرِ الْعَظِیْمِ الْجَاہِ وَ عَلٰی اٰلِہٖ وَ صَحْبِہٖ وَ سَلِّمْ
بزرگن فرمايو آهي ته جيڪو شخص هر جمعرات (جمعه ۽ خميس جي وچين رات) هن دُرُود شريف کي پابندي سان گھٽ ۾ گھٽ هڪ ڀيرو پڙهندو موت جي وقت سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زيارت ڪندو ۽ قبر ۾ داخل ٿيڻ وقت به ايستائين هو ڏسندو ته سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان کي پنهنجي هٿن سان قبر ۾ داخل ڪري رهيا آهن. ([1])
﴿2﴾ سمورا گُناھ مُعاف
اَللّٰھُمَّ صَلِّ عَلٰی سَیِّدِ نَا وَ مَوْلَانَا مُحَمَّدٍ وَّ عَلٰی اٰلِہٖ وَسَلِّمْ
حضرتِ سَيِّدُنا انس رَضِى الله تَعَالٰى عَنْه کان روايت آهي ته تاجدارِ مدينہ
صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: جيڪو شَخص هي دُرُود شريف پڙهي جيڪڏهن بيٺل هو تو ويهڻ کان پهريان ۽ ويٺل هو ته بيهڻ کان پهريان، ان جا گناھ