Ghaus e Pak Ki Karamat

Book Name:Ghaus e Pak Ki Karamat

هي گُمان ٿئي ته مريض ان شخص جي ويهڻ کي گهڻو پسند ڪري ٿو، مثال طور هو ان جو دوست يا ڪو بُزرگ آهي يا هيءُ ان ۾ پنهنجي مَصلَحَت (ڀلائي) سمجھي ٿو، اهڙي طرح ڪو ٻيو فائدو هجي ته ان وَقت مريض وٽ وڌيڪ ويهڻ ۾ ڪو حَرَج نه آهي۔(مرقاة المفاتيح،ڪتاب الجنائز،۴ /۶۰، تحت الحديث:۱۵۹۱)

بيان ڪيل حِڪايت ۾ ٻيو مَدَني گل هي آهي ته سَرڪارِ بَغداد، حُضورِ غَوْثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه صاحِبِ ڪرامَت بُزرگ هئا جو سندن وُجُودِ مَسعُود جي بَرَڪت سان سُڪل وڻ به سر سبز ٿي بي موسم ميوو ڏيڻ لڳندا آهن جڏهن ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي بارگاھ خُداوَندِي ۾ اهو بُلند ۽ اعليٰ مقام ۽ مرتبو حاصِل هو جو جنهن خوش نصيب جي لاءِ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه بَرَڪت (Blessing) جي دُعا ڪندا هئا ته ان جا ڀاڳ کلي پوندا هئا ڇوته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه مُستَجَابُ الدَّعْوَات هئا يعني سندن رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جون دُعائون تمام گھڻيون قبول ٿينديون هيون، جيئن بيان ڪيل حِڪايت مان معلوم ٿيو ته اوهان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه حضرت شَيخ اِسماعيل بن علي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي زمين کي نه صِرف پنهنجي وُجودِ مَسعُود سان سَرفَراز ڪيو بلڪ ان جي لاءِ بَرَڪت جي دعا به ڪئي، سندن رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي مُقَدَّس چَپن مان نڪتل دُعا دَرَجَهءِ قَبُولِيت جي مِعرَاج تائين پهچي وئي، ان ڪري مُختَصَر عَرصي ۾ حضرت سَيدُنا شَيخ علي بن اِسماعيل رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي اَناج جي پيداوار ۾ نه صِرف ٻه (2) کان چار(4) ڀيرا وڌيڪ اِضافو ٿيو بلڪ سندن رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي جانورن جي ايتري قَدَر ڪثرَت ٿي جو ڳڻپ  نه پئي ٿي سگهي، معلوم ٿيو! الله وارن جي دُعا ۾ گھڻو اثر هوندو آهي، تنهنڪري جڏهن به الله وارن جي بارگاھ ۾ حاضِري جو شَرَف حاصِل ٿئي ته اسان کي گھرجي ته اسان مَوقعي کي غَنِيمَت سمجھندي اَدَب جو دامَن پڪڙي انهن جي فَيض مان فَيضياب ٿيڻ سان گڏوگڏ انهن کان مال ۽ دَولت ۽ شُهرت ومَنصَب وغيره دُنياوي مقصدن کي حاصل ڪرڻ جون دُعائون ڪرائڻ بدران ايمان جي سَلامَتي، نيڪين تي اِستِقَامت، گُناهن کان نَجات، بي حِساب مَغفِرت ۽ حَرَمَين