Husn-e-Ikhlaq ki barkatain

Book Name:Husn-e-Ikhlaq ki barkatain

مان آهي۔(ترمذی،،کتاب البروالصلۃ،باب ماجاء فی حسن الخلق،۳/۴۰۴، حدیث:۲۰۱۲)

ہو اَخْلاق اچّھا ہو کِردار سُتھرا                  مُجھے مُتَّقِی تُو بنا یاالٰہی

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! حسن اَخلاق جي بَرَڪتن مان هڪ بَرَڪت هي به آهي ته جنهن جي شَخصِيت چڱي اَخلاق جي خُوبي سان آراسته هوندي، اهو ايتري قَدَر تَرَقّي جون منزِلون طئي ڪندو ۽ خوب فائدا گڏ ڪندو آهي۔ هن ڳالھ کي ائين سمجھو ته بعض دڪاندارن جي دُڪانن تي گراهڪن جو گهڻو رَش هوندو آهي ۽ ڪثير ماڻهو اُن جي دُڪانن جو رُخ ڪندا ۽ خريداري ڪندا آهن، انهن جي ڪامياب دُڪانداري جو هڪ راز هي به هوندو آهي ته هو پنهنجي گراهڪن سان نهايت سٺي اَخلاق سان پيش ايندا آهن، انهن کي چانھ، بسڪٽ ۽ ٿڌا مشروبات (cold drink)وغيره پيش ڪندا آهن، گراهڪ هڪ شيء ڏيکارڻ جو مطالَبو ڪري ته هو 10 شيون ان جي اڳيان رکندا آهن۔ مطلب ته گراهڪ (Customer) سان انهن جو اَخلاق ايتري قدر سٺو هوندو آهي، جو هو خريداري ڪرڻ بغير ناهي ويندو، بالفرض ڪو گراهڪ دُڪان دار سان بدسُلوڪي به ڪري وڃي ته دُڪاندار ان کي خوش اخلاقي سان برداشت ڪندو آهي ۽ گراهڪ ناهي ٽٽڻ ڏيندو۔ هاڻي ٿورو اسان پنهنجو اِحتساب ڪريون ته ڇا نون اسلامي ڀائرن تي اِنفِرادي ڪوشش جي دوران اسان جو اَنداز به اهڙو مٺو هوندو آهي؟، ڇا اسلامي ڀائرن سان ملاقات جي وَقت اسان جي چهري تي به مُرڪ هوندي آهي؟، ڇا اسان نيڪي جي دعوت ڏيڻ وَقت ڪو تحفو مثال طور مڪتبةُ المدينه جو رِسالو پيش ڪندا آهيون؟، ڇا اسان جي اَخلاق کان مُتَاثِّر ٿي ڪري به اڄ تائين ڪو دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته ٿيو يا