Husn-e-Ikhlaq ki barkatain

Book Name:Husn-e-Ikhlaq ki barkatain

بُری صُحبتوں سے کَنارہ کَشی کر     کے اچھوں کے پاس آکے پا مَدَنی ماحول

سَنور جائے گی آخِرت اِنْ شَآءَ اللہ       تم اپنائے رکھو سَدا مَدَنی ماحول

گنہگارو آؤ، سِیَہ کارو آؤ                  گُناہوں کو دیگا چُھڑا مَدَنی ماحول

(وسائلِ بخشش مرمم،ص۶۴۶تا۶۴۸)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                           صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان جي بُزرگانِ دِين رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْهم اَجْمَعِين پنهنجي اَخلاق جي بدولت جهڙي طرح ڀٽڪيل ماڻهن جي اِصلاح جو فَرض ادا ڪيائون اهو پنهنجو مٽ پاڻ آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اِصلاحِ اُمّت ۽ نيڪي جي دعوت جو اهو مُبارَڪ سِلسِلو اڃا به جاري ۽ ساري آهي ۽ اڄ جي هن پُرفِتَن دور ۾ به اهڙيون ڪيئي نيڪ هستيون هن دُنيا ۾ جَلوَه گَر آهن جو جِن جي عُمده اَخلاق جي بَرَڪت سان بي شُمار ماڻهن جي اِصلاح ٿي ۽ غير مسلمن (Non muslims) اِسلام قَبول ڪيو۔ اِنهيءَ هستين مان پندرھين صَدِي جي عظيم عِلمي ۽ رُوحاني شَخصِيت، شَيخِ طَرِيقَت، امِيرِ اَهلسنّت، باني دعوتِ اسلامي حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطّار قادِرِي رَضَوِي ضِيائي دَامَتْ بَـرَکَاتُهمُ الْعَالِيه جي ذاتِ بابَرَڪات به آهي جو جن جي ڏينهن رات جي ڪوشِشن ۽ عُمده اَخلاق جي بدولت کوڙ ماڻهن جي زِندگين ۾ مَدَني اِنقلاب برپا ٿي چڪو آهي۔ جي ها ان جي مثال جيڪڏهن پنهنجي اکين سان ڏسڻي هجي ته دعوت اسلامي جو مدني ماحول ڏسي وٺو،سڄي دنيا جي هرهفتيوار سنتن ڀري اجتماعن ۽ مدني مذاڪره اجتماعن ۾ جمع ٿيڻ وارن هزارين عاشقان رسول جو موجون هڻندڙ سمندرهن ڳالهه جي دليل آهي ته هي ڪنهن عظيم هستي جوفيضان آهي،جي ها!مان قربان وڃان،اميرِاهلسنت،باني دعوت اسلامي جي ڪريم اخلاق تي،اهو يقينن مصطفٰي جي اخلاق جو فيضان آهي جو امير