Husn-e-Ikhlaq ki barkatain

Book Name:Husn-e-Ikhlaq ki barkatain

اهلسنت باني دعوت اسلامي جي هٿان اهڙن خبر ناهي ڪيترن ماڻهن گناهن کان توبهه ڪئي آهي جيڪي ڪل تائين ته معاشري جا ڌڪاريل چورائيندا هئا،پر اڄ انهن کي امير اهلسنت جي دامنِ شفقت لڪائي رکيو آهي،اوهان جي اعلٰي حسنِ اخلاق جون مبارڪ ڪرنون جڏهن ڪنهن بي نمازيءَ تي پيون ته ان کي نه صرف نمازي بڻائي ڇڏيو بلڪ امامت جي مصلّي تي بيهاري ڇڏيو،جنهن کي پاڻ درست قرآنِ ڪريم پڙهڻ نه ايندو هو،اوهان جي اعلٰي حسنِ اخلاق جي مهڪ ان کي قاري بڻائي ڇڏيو،جيڪوڪل تائين علم دين سکڻ کان محروم هو،اوهان جي اعلٰي اخلاق جي خوشبوئن ان جي ذهن کي به معطرڪيو ۽ ڪنهن کي مفتي ته ڪنهن کي شيخ الحديث بڻائي ڇڏيو،جي ها امير اهلسنت،باني دعوت اسلامي جي اخلاق ڪريمه کي سلام پيش ڪندي ڪنهن عاشق رسول ڇا خوب چيو!!!

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

الله پاڪ امير اهلسنت،بانيِ دعوت اسلامي جي اعلٰي اخلاقِ ڪريمه جو صدقو اسان کي به نصيب فرمائي،اي ڪاش اسان جي ڇنڊ ڪڍڻ جي عادت نڪري وڃي،نرمي نرمي ۽ نرمي نصيب ٿئي ۽ اسان جو ڪلام به نرم ۽ مٺو