Husn-e-Ikhlaq ki barkatain

Book Name:Husn-e-Ikhlaq ki barkatain

آهي۔ (احياء العلوم،۲/۵۶۹)٭بداَخلاقي کان رَسولِ اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ پناھ گھري آهي۔ (ابوداود، ڪتاب الوتر، باب في الاستعاذۃ،۲ /۱۳۰،حديث: ۱۵۴۶ماخوذاًو مفهوماً) ٭بد اَخلاقي ۽ بد زباني کان الله پاڪ ناراض ٿئي ٿو، ٭ بد اَخلاقي جي سبب گراهڪ دُڪاندار وٽ اچڻ کان لهرائيندا آهن، ٭ بداَخلاقي بُرو شگون آهي۔ (ڪنز العمال،ڪتاب الاخلاق، قسم الاقوال، الباب الثاني…الخ ،الجزء۳، ۲/ ۱۷۸، حديث: ۷۳۴۳) ٭بداَخلاقي جيڪڏهن اِنساني شڪل ۾ هجي ها ته اها (نهايت) بُرو ماڻهو هجي ها۔ (ڪنز العمال، ڪتاب الاخلاق، الفصل الاول، الجزء الثالث ۳،۲ /۱۷۸، حديث: ۷۳۵۱)٭الله پاڪ وٽ سڀ کان وڏي بُرائي بُرا اَخلاق آهن۔ (جامع الاحاديث، ۱۹/۴۰۶، حديث: ۱۴۹۲۲ملخصاً) ٭بيشڪ بي حيائي ۽ بد اَخلاقي جو اسلام جي ڪنهن شيء کان ڪو تَعَلُّق ناهي۔ (مسند احمد، مسند البصريين، حديث ابي عبد الرحمن، ۷/۴۳۱، حديث: ۲۰۹۹۷) ٭بد اَخلاقي نيڪي جي دعوت ۾ تمام وڏي رُڪاوٽ آهي،٭بد اَخلاقي سبب ڪڏهن ته زال مڙس ۾ طَلَاق جي نَوبَت اچي ويندي آهي،٭بداَخلاقي جي نَحوست سان گھر جو سُڪون بَرباد ٿي ويندو آهي،٭بداخلاقي جي نحوست کان ڪوعاشق رسول بلڪ پورو خاندان دعوت اسلامي جي مدني ماحول سان دور ٿي سگهي ٿو٭بداخلاق جي نحوست ٻن خاندانن ۾جدائي ڪرائيندي آهي٭بداخلاقي جي نحوست قريب ٿيڻ وارن کي دور ڪري ڇڏيندي آهي ٭بد اَخلاق هڪ گُناھ کان تَوبه ڪندو آهي ته ان کان بدتَر گُناھ ۾ گِرِفتار ٿي ويندو آهي۔ (جامع الاحاديث للسيوطي،قسم الاقوال،۲/ ۳۷۵، حديث: ۶۰۶۴) ٭ بداَخلاق شخص کي ڪيئي ڀيرا ناڪامين کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، مطلب ته بداَخلاقي ڪثير بُرائين جو مَجموعو ۽ دُنيا ۽ آخِرت ۾ هلاڪت ۽ بَربادي جو سبب آهي۔ الله ڪريم سڀني مسلمانن کي بُري اَخْلاق جي نَحوست کان محفوظ رکي۔اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ

بھاگتے ہیں سُن لے بد اَخْلاق اِنساں سے سبھی           مُسْکرا کر سب سے مِلنا دل سے کرنا عاجِزی

(وسائل بخشش مرمم،ص۶۹۸)