Husn-e-Ikhlaq ki barkatain

Book Name:Husn-e-Ikhlaq ki barkatain

مَثال طور ڪاوڙ کي صَبر سان، جَهَل (لا علمي) کي حِلم (بُردباري) سان، بدسُلوڪي

کي عَفو (۽ دَرگُذر) سان جو جيڪڏهن ڪو توهان سان بُرائي ڪري تُون مُعاف ڪر۔ هن خَصلت (عادت) جو نتيجو اهو نڪرندو ته دُشمن دوستن وانگر مَحَبَّت ڪرڻ لڳندا۔ (خزائنُ العرفان،ص ۸۸۴)

اميراهلسنّت،بانيِ دعوت اسلامي اسان جي تربيت ڪندي،نصيحت جامدني گل عنايت ڪندي فرمائن ٿا:

تُو نرمی کو اپنانا جھگڑے مٹانا                       رہے گا سدا خُوشْنُما مَدَنی ماحول

تُو غُصّے جھڑکنے سے بچنا وگرنہ                     یہ بدنام ہوگا تِرا مَدَنی ماحول

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! مسلمان هجن يا غير مسلم سڀئي هن حقيقت کي تسليم ڪن ٿا ته اِسلام سٺي اَخلاق ۽ نَرمي جي ڪري ڦهليو آهي، اڄ سڄي دنيا ۾ جيڪو اسان کي اسلام جو حَسِين گلشن سر سبز نظر اچي رهيو آهي هن ۾ نبي اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جااخلاق ڪريمه ۽اوهان صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي تربيت کان صحابَه ڪرام رَضِىَ الله تَعَالٰى عَنْهم اَجْمَعِين ۽ اَولِياءِ ڪرام رَحْمَةُ اللّٰه تَعَالٰي عَلَيهم اَجْمَعِين جي اَخلاق ۽ نرمي جو تمام وڏو عمل دخل آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اڄ به چڱي اَخلاق جي بَرَڪتن سان بيشمار غير مسلم اسلام جي دَولت سان سَرفراز ٿي رهيا آهن جڏهن ته شرابين، وياج خورن، والِدَين جي نافرمانن، بَدڪارن، فلمون ڊراما ڏسندڙن ۽ گانا باجا ٻڌڻ جي شوقينن، فيشن پرستن، هڪ ٻي جي جاني دشمنن، مُعاشَري ۾ ناسُور سمجھيا ويندڙن، بَدعقيده ماڻهن ۽ طرح طرح جي گُناهن ۾ مبتلا رهڻ وارن جي زندگين ۾ حقيقي معنيٰ ۾ مَدَني اِنقلاب بَرپا ٿيڻ جو سِلسِلو جاري آهي۔ اچو! بهترين اَخلاق جي بَرَڪتن تي مُشتَمِل هڪ اِيمان اَفروز حڪايت ٻڌون ٿا، جيئن ته