Husn-e-Ikhlaq ki barkatain

Book Name:Husn-e-Ikhlaq ki barkatain

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان! حضرت سَيدُنا اِبنِ عائشه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْه جو نيڪي جي دعوت ڏيڻ جو اَنداز ڪيتري قدر شاندار هو ۽ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْه راھ حق کي وساري ويٺل مسلمانن جي اِصلاح جي مقدَّس جذبي سان ڀريل هئا جيئن ته جڏهن پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْه هڪ شَرابي کي ماڻهن کان مار کائيندي ڏٺائون ته ان کي ڇڏائي پنهنجي گھر وٺي آيا ۽ جڏهن ان جو نَشو لٿو ته نهايت نَرمي سان نصيحتن جا مَدَني گل ارشاد فرمايا۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ سندن جا مٺا ٻول، شفقت ڀريو اَنداز ۽ چڱي اَخلاق ان شرابي جي دل تي ايتري قَدَر گهرو اَثر ڪيو جو هو شراب نوشي ۽ ٻين گناهن کان توبه ڪري حضرت سَيدُنا اِبنِ عائشه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْه جي صُحبت ۾ رهي حديثِ پاڪ جي خدمت ۾ مشغول ٿي ويو۔ جيڪڏهن حضرت سَيدُنا اِبنِ عائشه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْه به ان تي ڪاوڙ ڪن ها ۽ ان جي مار ۾ شريڪ ٿين ها، ان تي سختي ڪن ها يا بداَخلاقي سان پيش اچن ها ته ٿورو سوچيو! ڇا ان کان بعد ان شخص تي سندن رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰى عَلَيْه جي اِنفِرادي ڪوشِش ۽ نصيحتن جو ڪو اَثر ٿئي ها؟، ڇا هو پنهنجن گناهن کان پاسو ڪري ها؟، ڇا ان جي اِصلاح جو سبب ٿئي ها؟ڇا گناهن کان سچي توبهه جو ذهن بڻجي ها؟ ڇا ان جي زِندگي (Life) ۾ حقيقي معنيٰ ۾ مَدَني اِنقلاب بَرپا ٿئي ها؟۔ يقيناً هرگز نه! ته جيڪڏهن اسان چاهيون ٿا ته معاشَري ۾ سُنّتن جون بهارون اچي وڃن، بُرائي جا اڏا وِيران ۽ مسجدون آباد ٿي وڃن، مَدَني قافِلن جون ڌُومون مچي وڃن، مسلمان الله ڪريم ۽ رسولِ پاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي حقيقي فرمانبرداري اِختيار ڪري هن مَدَني مقصد کي اپنائڻ وارا بڻجي وڃن جو ”مون کي پنهنجي ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي اِصلاح جي ڪوشِش ڪرڻي آهي۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ، ته اسان کي کپي ته جيڪي مسلمان نمازن ۽ سُنّتن کان پري آهن يا مختلف گناهن ۾ مشغول آهن اُنهن کي پيار ۽ مَحَبَّت، نَرمي ۽ شَفقَت جا جام پياريون ۽ چڱي اَخلاق جي ذَرِيعي انهن کي ماحول جي قريب ڪرڻ