Nigahon ke Hifazat kijiye

Book Name:Nigahon ke Hifazat kijiye

ٿي فڪرِ مدينه ڪريو ته اي ٻانها! توکي اللہ  پاڪ اکين جهڙي نعمت عطا ڪئي آهي جن جي مدد سان تُون جيڪو چاهين ڏسي سگھين ٿو، پر ٿورو سوچ ته تو انهن کي ڪهڙي طرح استعمال ڪيو؟ مثال طور رستو پار ڪرڻ، علم ِ دين سکڻ سيکارڻ، تلاوتِ قرآن ڪرڻ، بيتُ اللہ  شريف، گنبدِ خضريٰ، مقاماتِ مقدسه، والدين ۽ نيڪ ماڻهن جي زيارت ڪرڻ ۾ انهن کان مدد ورتي يا مَعَاذَاللہ  عَزَّوَجَلَّ اجنبي عورتن کي ڏسڻ امردن يعني بي رِيش ڇوڪرن کي لذّت سان ڏسڻ، ڪنهن جي کليل اُوگھڙ ڏسڻ، فلمون ڊراما ڏسڻ، اخبارات ۾ شايع ٿيندڙ نامحرم عورتن وغيره جون تصويرون ڏسڻ، عورتن جي تصويرن تي مشتمل وڏا وڏا اشتهاري بورڊ ڏسڻ، ڪنهن جو خط يا تحرير بِلااجازت پڙھڻ، ڪمپيوٽر يا موبائل تي فحش تصويرون يا ويڊيوز ڏسڻ، ڪنهن جي گھر ۾ نظر ڪري، يا هيڏانهن هوڏانهن فضول ڏسڻ ۾ انهن کان مدد ورتي؟ افسوس! جو توکي ته انهن اکين کي پاڪيزه رکڻ جو حڪم ڏنو ويو هو، توکي ته پنهنجي ربِّ ڪريم، ان جي حبيب صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ، صحابه ڪرام ۽ اهلِ بيتِ اطهار رَضِى اللہ  تَعَالٰى عَنْهم اَجْمَعِين، اولياءِ ڪرام رَحْمَةُ اللہ  تَعَالٰی عَلَيْهم اجمعين ۽ جنت جي زيارت جو مشتاق هئڻ گھرجي، ان جي لاءِ ضروري هو ته تنهنجي نگاهون دنيا ۾ ڪنهن حرام ۽ فضول شيء تي نه بيهن ها، پر افسوس! اهي پاڪيزه نه رهي سگھيون، اڄ توکي حرام شيون ڏسڻ ۾ گھڻي لذّت محسوس ٿيندي آهي پر ياد رکجان! حرام نگاھ سان ڀرڻ واري انهن اکين ۾ هڪ ڏينهن باھ ڀري ويندي، تنهنجون اکيون ته ايتريون نازڪ آهن جو ننڍي کان ننڍو مڇر يا واريءَ جو ڪوئي ذرّو انهن ۾ پئجي وڃي تڪليف جي شدت سبب تنهنجو سڄو جسم تڙپڻ لڳندو آهي، اُس ۾ اوچتو ڪنهن بند ڪمري ۾ وڃڻ تي تنهنجي ڏسڻ جي صلاحيت ايتري ڪمزور ٿي ويندي آهي جو ويجھو پيل شيء به ڏسڻ ۾ ناهي ايندي، پوءِ پنهنجو پاڻ کي ائين ڊيڄار ته آھ صد آھ! جيڪڏهن انهن اکين کي بدنگاهي ڪرڻ ۽ اللہ  پاڪ جي حرام ڪيل شين کي ڏسڻ جي سبب بروزِ قيامت عذاب ڏنو ويو ته