Nigahon ke Hifazat kijiye

Book Name:Nigahon ke Hifazat kijiye

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بي پردَگي جي آفت کان نجات جي لاءِ، اکين ۽ ٻين عضوئن جو قُفلِ مدينه لڳائڻ جي مَدَني سوچ ماڻڻ، شَرم ۽ حيا جو پيڪر بڻجڻ ۽ پنهنجي گھر وارن کي به پردي جو ذِهن ڏيڻ جو طريقو سکڻ جي لاءِ عاشِقانِ رَسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته رهو ۽ ذيلي حلقي جي 12 مَدَني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺو۔ ذيلي حلقي جي 12 مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم ”صداءِ مدينه“ لڳائڻ به آهي۔ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول ۾ مسلمانن کي نمازِ فجر جي لاءِ جڳائڻ کي ”صداءِ مدينه“ لڳائڻ

چوندا آهن۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي جي مرڪزي مجلسِ شوريٰ جي طرفان 12 مدني ڪمن مان هن مدني ڪم جو رسالو رِسالو بنام "صداءِ مدينه" به منظرِ عام تي اچي چڪو آهي۔

"صداءِ مدينه" جي برڪت سان نمازِ تهجد جي سعادت ملي سگھي ٿي۔

"صداءِ مدينه" جي برڪت سان نماز جي حفاظت ٿيندي آهي۔

"صداءِ مدينه" جي برڪت سان مسجد جي پهرين صف ۾ تڪبيرِاُوليٰ سان فجر نماز جي ادائيگي ٿي سگھي ٿي۔

"صداءِ مدينه" جي برڪت سان "نيڪي جي دعوت" ڏيڻ جو ثواب به حاصل ڪري سگھجي ٿو۔

"صداءِ مدينه" جي برڪت سان دعوتِ اسلامي جي نيڪ نامي ۽ تشهير ٿيندي۔

"صداءِ مدينه" لڳائڻ وارو باربار مُسلمانن کي حج ۽ مٺو مدينو ڏسڻ جي دُعا ڏيندو آهي، اللہ  پاڪ گهريو ته اهي دُعائون، ان جي حق ۾ به قبول ٿينديون۔

"صداءِ مدينه" ۾ پيدل هلڻ جي برڪت سان صحت به سٺي ٿيندي۔

صداءِ مدينه لڳائڻ (يعني مسلمانن کي فجر نماز جي لاءِ بيدار ڪرڻ) صحابه جي سُنّتِ آهي جيئن اَمِيرُ المؤمنين حضرت سَيدُنا عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه نمازِ فجر جي لاءِ ماڻهن کي جاڳائيندي مسجد تشريف فرما ٿيندا ها۔ (طبقات ڪبريٰ، ذڪر استخلاف عمر، ۳/۲۶۳مفهوماً)