Nigahon ke Hifazat kijiye

Book Name:Nigahon ke Hifazat kijiye

هاڻي هاڻي جواني جي حدن ۾ قدم رکيو هو ۽ ڪجھ ائين عرض ڪيو: ’’يا رسولَ اللہ  صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ!مون کي بدڪاري (Adultery) جي اجازت ڏيو۔‘‘ ان جي هن بيباڪي ۽ جرئت تي تمام صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان حيران ٿي ويا۔ ان ڪري ان نوجوان کي بارگاھ نبوت جي آداب جو لحاظ نه ڪرڻ جي ڪري ڌڙڪا ڏيڻ لڳا ته مَحبوبِ رَبِّ اَڪبر صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ انهن کي ان نوجوان کي ڪجھ چوڻ کان منع ڪري ڇڏيو ۽ ارشاد فرمايائون: ان کي منهنجي ويجھو اچڻ ڏيو۔ اهو نوجوان معاملي جي حَسَّاس هئڻ جي پروا ڪرڻ بغير اڳتي وڌيوته پاڻ صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان نوجوان کي پاڻ وٽ ويهاري وڏي نرمي ۽ محبت ۽ شفقت سان ڪجھ ائين نيڪي جي دعوت اِرشاد فرمائي: اي نوجوان! اهو ته ٻڌاءِ ته جيڪڏهن ڪو شخص تنهنجي ماءُ سان ائين ڪري ته ڇا توکي سٺو لڳندو؟ نوجوان (غيرت وچان) ڪجھ ائين عرض گذار ٿيو: نه نه! اللہ  جو قسم! يا رسولَ اللہ  صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ! منهنجي جان اوهان تي قربان مان هر گز اهو پسند نه ڪندس۔ ته پاڻ صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ارشاد فرمايائون: جيڪڏهن توکي هي پسند نه آهي ته ڪو تنهنجي ماءُ سان ائين ڪري ته ٻيا به اهو پسند نٿا ڪن ته ڪو انهن جي ماءُ سان ائين ڪري۔ پوءِ پاڻ صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ پڇيائون: ڇا توهان پنهنجي ڌيءَ جي لاءِ ان کي پسند ڪريو ٿا؟ چيائين: مان اوهان تي قربان ٿيان منهنجا آقا! هر گز نه۔ ارشاد فرمايائون: ٻيا ماڻهو به پنهنجي ڌيئرن جي لاءِ ان کي پسند نٿا ڪن۔ وري پڇيائون: ڇا پنهنجي ڀيڻ جي لاءِ ان کي پسند ڪيو ٿا؟ عرض ڪيائين: مان اوهان تي قربان! خدا جو قسم! هرگز نه۔ ارشاد فرمايائون: اهڙي طرح ٻيا ماڻهو به پنهنجي ڀينرن جي لاءِ ان کي پسند نٿا ڪن۔ پوءِ پاڻ صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ پڦيء ۽ ماسيء جي باري ۾ به اهي ئي سوال ان نوجوان کان پڇا ڪيائون ته هر ڀيري ان نفي ۾ ئي جواب ڏنو ۽ سرڪار صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ به ان کي هڪ ئي ڳالھ سمجھائي ته جڏهن تون اهو نٿو پسند ڪرين ته ڪو انهن سان اهڙي نازيبا حرڪت ڪري ته ياد رک جنهن عورت سان تون اها حرڪت ڪندين ته اها به ته ڪنهن جي ماءُ، ڌيء،