Nigahon ke Hifazat kijiye

Book Name:Nigahon ke Hifazat kijiye

ڀيڻ، پڦيء يا ماسيء هوندي۔ اللہ  پاڪ جي پياري حبيب صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي انفرادي ڪوشش جي نتيجي ۾ ان نواجون جي سمجھ ۾ اها ڳالھ اچي وئي پر سرڪارِ نامدار، مديني جي تاجدار صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان تي مزيد ڪرم فرمائيندي ان جي سيني تي پنهنجو مبارڪ هٿ رکي بارگاھ خداوندي ۾ عرض ڪيو: اي رب ڪريم! ان جا گناھ بخشي ڇڏ، ان جي دل کي پاڪ ڪري ڇڏ ۽ ان جي شرمگاھ جي حفاظت فرما۔ پوءِ ان دُعا جي برڪت سان اهو نوجوان سڄي ڄمار ان بُري ڪم کان بيزار رهيو۔

(مسند احمد،۸/۲۸۵،حديث:۲۲۲۷۴ملتقطاًوملخصاً)

اللہ ہم کو فضل سے عقلِ سلیم دے    شرم و حیا  تُو بہرِ رسولِ کریم دے

 

(غيبت کی تباه کارياں، ص۳۶۳)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان! رسولِ اڪرم صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪيتري پياري ۽ دلنشين انداز ۾ ان نوجوان کي اها ڳالھ سمجھائي ته جهڙي نموني تون هن ڳالھ کي پسند نٿو ڪرين ته ڪوئي شخص توهان جي ان مَحرم عورتن (يعني جن کان نِڪاح حَرام آهي) سان ان طرح جو ڪم ڪري، اهڙي طرح ڪو ٻيو شخص به پنهنجي ان محرم عورتن سان ان طرح جي بُري حرڪت هرگز پسند نه ڪندو۔ جڏهن توهان پنهنجي لاءِ هن ڳالھ کي پسند نٿا ڪريو ته ٻين جي لاءِ ان کي ڪيئن پسند ڪري سگھو ٿا؟ ڇوته توهان جنهن سان اهو ڪم ڪندوء هو به ته ڪنهن جي ماءُ، ڪنهن جي ڀيڻ، ڪنهن جي ڌيء، ڪنهن جي زال، ڪنهن جي ماسيء، ڪنهن جي پڦيء هوندي۔

سرڪارِ مدينه صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو اهو مُبارَڪ انداز تاثير جو تِير بڻجي ان جي دِل ۾ اهڙي طرح پيوست ٿيو جو هو نه صرف پنهنجي بي باڪي تي شرمسار ٿيو بلڪه هميشه بدڪاري کان به پاسو ڪري ورتائين ۽ پياري آقا صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي دُعا جي برڪت سان جيستائين زندھ رهيو ڪڏهن به ان فعل جو تصور تائين نه ڪيو۔