Nigahon ke Hifazat kijiye

Book Name:Nigahon ke Hifazat kijiye

ڪهڙي پاڻي سان استنجا ڪرڻ منع آهي ٭ ڪرسي نُما ڪموڊ تي ويهڻ بابت خطرن جو اِنڪشاف ٭ بيتُ الخلا ۾ وڃڻ جون نيتون ٭ ۽ ان جي علاوه ٻيو گھڻو ڪجھ بيان ڪيو ويو آهي۔ تنهنڪري اڄ ئي مڪتبةُ المدينه تان هن ڪتاب کي هديةً حاصل ڪيو ۽ ان جو مُطالعو پاڻ به ڪيو ۽ ٿي سگھي ته ٻين اسلامي ڀائرن کي به ترغيب ڏياريو۔ هن ڪتاب کي دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تان رِيڊ (يعني پڙھي) به سگھجي ٿو، ڊاؤن لوڊ (Download) ۽ پرنٽ آؤٽ (Print Out) به ڪري سگھجي ٿو۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان ٻڌو ته

٭بدنگاهي بدڪاري کي ڦهلائڻ جو ذريعو آهي،٭قرآنِ ڪريم مسلمانن کي نگاهن جي حفاظت جو درس ڏي ٿو ٭ ڪثير احاديثِ مبارڪه ۾ بدنگاهي کان بچڻ جي ترغيب ۽ تاڪيد ارشاد ٿي آهي ٭ نگاهن جي حفاظت ڪرڻ ۾ دل جي پاڪيزگي آهي٭بدنگاهي ڪرڻ اللہ  پاڪ ۽ رسولِ اڪرم صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ناراضي جو سبب آهي٭ اللہ  وارا نگاهن جي حفاظت جي معاملي ۾ تمام گھڻا حسّاس هوندا هئا، ٭ بدنگاهي جي سزا ڪڏهن ته دنيا ۾ ئي ملي ويندي آهي، ٭ بدنگاهي انسان کي دنيا ۽ آخرت ۾ ذليل ۽ رُسوا ڪرائڻ جو سبب آهي،٭ بدنگاهي ڪرڻ وارا عجيب بي سڪوني ۾ مبتلا رهند آهن۔

اللہ  ڪريم تمام مسلمانن کي بدنگاهي ۽ بي پردگي جي تباھ ڪارين کان محفوظ فرمائي. اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺامٺا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي