Nigahon ke Hifazat kijiye

Book Name:Nigahon ke Hifazat kijiye

مٺي مدني آقا صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم حڪم فرمايو ته ”هن کي شهر بدر ڪري ڇڏيو، تنهن ڪري ان کي شهر بدر ڪيو ويو، مدينہءِ منوره مان ڪڍي ”نَقِيع“ (مديني پاڪ جي ويجھو مقام) ڏانهن موڪليو ويو۔

(ابو داود،ڪتاب الادب،باب في الحڪم في المخنثين،حديث: ۴۹۲۸،۴/ ۳۶۸)

 جهڙي طرح مردن کي عورتن جي نقل ڪرڻ جائز ناهي، اهڙي طرح عورتون به مردن جي نقل نه ٿيون ڪري سگهن۔ جيئن ته حضرت سيّدُنا ابنِ عباس رَضِىَ اللہ  تَعَالٰی عَـنْهُمَا کان روايت آهي ته رسول اڪرم صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم لعنت فرمائي، زنانه مردن تي جيڪي عورتن جهڙي صورت بڻائن ۽ مردانه عورتن تي جيڪي مردن جهڙي صورت بڻائن۔

(مسند امام احمد،مسند عبد اللہ  بن عباس،حديث:۲۲۶۳،۱/ ۵۴۰)

 ٭ عورتون پنهنجن مڙسن جي لاءِ جائز شين سان، پر گهر جي چؤديواريءَ ۾ سينگار ڪن پر ميڪ اپ ڪري ۽ ٺهي ٺُڪي گهر کان ٻاهر نه نڪرن ڇوته اسان جي پياري آقا صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: ”عورت پوري جي پوري عورت (يعني لڪائڻ جي شيء) آهي جڏهن ڪا عورت ٻاهر نڪرندي آهي ته شيطان ان کي جهاتي پائي ڏسندو آهي۔

(ترمذي،ڪتاب الرضاع،باب(۱۸)،حديث: ۱۱۷۶،۲/۳۹۲)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب“سنتیں۽آداب” هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.

 

خُوب خُود داریاں، اور خوش اخلاقیاں   آیئے سیکھ لیں، قافلے میں چلو

(وسائل بخشش مرمم،ص۷۶)