Book Name:Aey Kash Fuzol Goi Ki Adat Nikal Jay

٭ مسڪرائي ۽ خوش اخلاقيءَ سان ڳالهه ٻولهه ڪيو ٭ مسلمانن جي دلجوئي جي نيّت سان ننڍن سان شفقت وارو ۽ وڏن سان ادب وارو لهجو اختيار ڪيو۔ ٭ رڙيون ڪري ڳالهائڻ کان حد درجه احتياط ڪيو۔٭ کڻي هڪ ڏينهن جو ٻار هجي سٺين سٺين نيتن سان ان سان به اوهان توهان سان گفتگو ڪرڻ جي عادت بڻايو، اوهان جا اخلاق به اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ڀلا ٿيندا ۽ ٻار به آداب سکندو۔ ٭ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ وقت پردي جي جاءِ تي هٿ لڳائڻ، آڱرين سان بدن تان مير لاهڻ، ٻين جي سامهون بار بار نڪ کي هٿ لڳائڻ، يا نڪ يا ڪن ۾ آڱر وجهڻ، ٿُڪ اڇلائڻ سٺي ڳالهه ناهي ٭ جيستائين ٻيو ڳالهائي رهيو هجي ته اطمينان سان ٻُڌو، ان جي ڳالهه ڪٽڻ کان بچو ۽ ڳالهه ٻولهه دوران ٽهڪ ڏيڻ کان بچو ڇوته ٽهڪ لڳائڻ سنت مان ثابت ناهي۔ ڳالهائڻ وقت هميشه ياد رکو ته وڌيڪ ڳالهيون ڪرڻ سان رعب ختم ٿي ويندو آهي۔ ٭ ڪنهن سان ڳالهه ٻولهه ڪجي ته ان جو ڪو صحيح مقصد به هئڻ گهرجي ۽ هميشه مخاطب جي ظرف ۽ ان جي نفسيات جي مطابق ڳالهه ڪئي وڃي۔ ٭ بدزباني ۽ بي حيائي جي ڳالهين کان هر وقت پرهيز ڪريو، گارگند کان بچندا رهو ۽ ياد رکو ته ڪنهن مسلمان کي بنا اجازتِ شرعي گار ڏيڻ حرامِ قطعي آهي۔ (فتاوٰی رضویہ، ۲۱/۱۲۷) ۽ بي حيائي جي ڳالهه ڪرڻ واري تي جنّت حرام آهي۔ تاجدار مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمائن ٿا؛ ”اُن شخص تي جنت حرام آهي جيڪو فُحش گوئي (بي حيائي جي ڳالهه) کان ڪم وٺي ٿو۔“ (کتابُ الصَّمْت مع موسوعۃالامام ابن ابی الدنیا، ۷/۲۰۴ حدیث: ۳۲۵)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب سنتیں اور آداب“ ان کان علاوه امير اهلسنت جا ٻه رسالا ”101مدني گل“ ۽ ”163مدني گل“ مڪتبة المدينه جي بستي تان هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽