Gaflat Ka Anjaam

Book Name:Gaflat Ka Anjaam

عَزَّوَجَلَّ تائين پهچڻ جو ذريعو آهي۔ (موسوعَة ابن ابي الدنيا،ڪتاب ذم الدنيا،۵/۸۳، حديث:۱۴۶،ملخصا)

چند روزہ ہے یہ دُنیا کی بَہار        دِل لَگا اِس سے نہ غافِل ذِی نَہار

عُمْر اپنی یُوں نہ غفلت میں گُزار        ہوشِیَار اے مَحْوِ غفلت ہوشِیَار

ایک دِن مَرْنا ہے آخِر مَوْت ہے       کرلے جو کرنا ہے آخِر مَوْت ہے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                    صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان جي زِندَگي جي هڪ هڪ گھڙي گھڻي قيمتي آهي ۽ اسان جي زِندَگي هر لمحي تيزي سان گھٽجندي پئي وڃي۔ تنهنڪري عقلمندي جو ثبوت ڏيندي هن فاني دُنيا جي ڌوڪي ۾ مبتلا ٿي ڪري سون ۽ جَوَاهرات کان وڌيڪ قيمتي لَمحن جي ناقَدري ڪرڻ بدران تَقويٰ ۽ پرهيزگاري اپنايو، پنهنجي ڏينهن رات کي فُضُولِيات ۽ دُنيوِي عَيش عشرت ۾ برباد نه ڪريو، شريعت جن ڪمن جو حُڪم ڏنو آهي ان جي ادائيگي ۾ سُستي نه ڪريو ۽ جن کان منع ڪيو آهي اُن کان رڪڻ ۾ گھڙي کن جي به دير نه ڪريو۔ اسان کي قرآن ۽ حديث ۾ نماز جو حڪم ڏنو ويو آهي پر اسان غَفلت جي سبب نماز نٿا پڙھون حالانڪه نماز حُقُوقُ الله مان اِنتهائي اَهم فريضو آهي۔ نماز دين جو ٿنڀو آهي۔ نَمازسان گُناھ مُعاف ٿين ٿا، نماز بيمارين کان بچائي ٿي، نماز دُعائن جي قبوليت جو سبب آهي ۽ ڄاڻي واڻي نماز ڇڏڻ واري جو نالو جهنَّم جي درازي تي لکيو ويندو آهي۔ شريعت اسان کي صاحبِ نصاب هئڻ جي صورت ۾ سڄي سال ۾ هڪ ڀيرو پنهنجي مال جي زڪوٰة ڪڍڻ جو حڪم ڏنو آهي، اسان صرف مال ڪمائڻ ۾ ته مشغول آهيون پر ان جو حق ادا ڪرڻ کان غافل آهيون حالانڪه زڪوٰة ڏيڻ سان مال ۾ برڪت ٿيندي آهي، زڪوٰة ڏيڻ سان گھر ۾ امن ۽ سڪون ٿيندو آهي، زڪوٰة ڏيڻ واري تي