Gaflat Ka Anjaam

Book Name:Gaflat Ka Anjaam

رحمتِ الٰهي جي ڇماڇم برسات ٿيندي آهي، زڪوٰة ڏيڻ سان مصيبتون پري ٿينديون آهن، جيئن ته فرمانِ مُصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهي: جنهن پنهنجي مال جي زڪوٰة ادا ڪئي، ته الله پاڪ ان کان شر کي پري ڪري ڇڏيو۔ (المعجم الاوسط،باب الالف من اسمه احمد، الحديث ، ۱۵۷۹،ج۱،ص۴۳۱) شريعت اسان کي سال ۾ هڪ ڀيرو رمضان جا روزا رکڻ جو حڪم ڏنو پر ڪجهه نادان غفلت کان ڪم وٺندا آهن ۽ روزو ڇڏڻ سان گڏوگڏ سرعام کائيندي پيئندي ٿورو به شرم نٿا ڪن، ياد رکو! روزو رکڻ ۾ جتي شريعت جي فرمانبرداري آهي اتي ان جا کوڙ طبي فائدا به آهن۔ مثال طور روزو رکڻ سان معدي جو تڪليفون ۽ ان جون بيماريون ٺيڪ ٿي وينديون آهن ۽ هاضمي وارو نظام بهتر ٿيندو آهي۔ روزو شوگر ليول، ڪوليسٽرول ۽ بلڊ پريشر ۾ اِعتدال آڻي ٿو ۽ ان جي ڪري دل جو دورو پوڻ جو خطرو ناهي رهندو۔ روزي جي دوران رت جي مقدار ۾ ڪمي اچي ويندي آهي ۽ ان جي ڪري دل کي انتهائي فائدي مند آرام پهچندو آهي۔ روزي سان جسماني ڇڪ، ذهني دٻاؤ، ڊپريشن ۽ نفسياتي بيمارين جو خاتمو ٿيندو آهي۔ روزو رکڻ سان موٽاپي ۾ ڪمي واقع ٿيندي آهي ۽ اضافي چرٻي ختم ٿي ويندي آهي۔ روزو رکڻ سان بي اولاد عورتن کي اولاد ٿيڻ جا امڪان (Possibilities) ڪيئي گنا وڌي ويندا آهن۔ (صراط الجنان،۱/۲۹۳)

 روزي بابت تفصيلي احڪام ۽ فضائل ڄاڻڻ جي لاءِ شيخ طريقت، اميراهلسنت جي مايه ناز تصنيف فيضانِ رمضان (مرمم) جو مطالعو گھڻو فائديمند رهندو۔ ان جي علاوه شريعت جن ڪمن جو حڪم ڏنو انهن بابت فضائل ڄاڻڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جو ڪتاب ”جنت میں لے جانے والے اعمال “ ۽ جن ڪمن کان بچڻ جو حڪم ڏنو ان جون تباھ ڪاريون ڄاڻڻ جي لاءِ ”جهنم میں لے جانے والے اعمال “ جو مطالعو ڪريو۔

مُختْصَر سی زِنْدَگی ہے بھائیو!      نیکیاں کیجئے نہ  غفلت  کیجئے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                    صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمّد