Gaflat Ka Anjaam

Book Name:Gaflat Ka Anjaam

۾ مگن ٿي گھران نڪتو، اتفاقًا قبرستان وٽان سندس گذر ٿيو، ڇا  ٿو ڏسي ته هڪ شخص سِرون ٺاهڻ لاءِ هڪ قبر تي مٽي ڳوهي رهيو آهي، اهو منظر ڏسي يڪدم ان جي اکين تان غفلت جو پردو هٽي ويو ۽ انهيءَ تصّور سان سندس اکين ۾ لڙڪ اچي ويا ته شايد مرڻ کان پوءِ منهنجي قبر جي مٽيءَ مان به ماڻهو سِرون ٺاهيندا۔ آهه! منهنجا عاليشان گهر ۽ عمدا لباس وغيره ائين ئي رهجي ويندا، تنهنڪري سون جي سر سان دل لڳائڻ ته زندگي کي سراسر غفلت ۾ وڃائڻ آهي، ها جيڪڏهن دل لڳائڻي ئي آهي ته مون کي پنهنجي پياري پياري الله عَزَّوَجَلَّ سان لڳائڻ گهرجي، پوءِ هن سون جي سِر کي ڇڏي زُهد ۽ قناعت اختيار ڪئي۔( رسالو غفلت ،)

گو پیشِ نظر قبر کا پُرھول گڑھا ہے

افسوس! مگر پھر بھی یہ غفلت نہیں جاتی

      صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                              صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمّد

       مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! واقعي مال ۽ دولت اهڙي شيءَ آهي جيڪا انسان کي رَبِّ ڪريم کان غافل ڪندي آهي۔ هن حڪايت ۾ هر وقت مال ۽ دولت جي حِرص (Greed) ۾مبتلا رهڻ وارن، مال گڏ ڪرڻ جي هوس ۾ حلال ۽ حرام جي تميز وسارڻ وارن ۽ صِرف مال ۽ دولت ۾ زندَگي جو سُڪون تلاش ڪرڻ وارن جي لاءِ عِبرت ئي عِبرت آهي۔ ياد رکو! دولت سان دوا ته خريدي سگھجي ٿي پر شِفا نه۔ دولت سان دوست ته ملي ويندا پر وفا نه۔ دولت جي ڪري سٺي زندگي ته گذاري سگھجي ٿي پر ان جي ذَرِيعي موت کي نٿو ٽاري سگھجي۔ دولت سان شُهرت ته حاصِل ڪري سگھجي ٿي پر عزّت نه۔ دولت سان سٺا گھر، گاڏيون ۽ عمده لباس ته خريدي سگھجن ٿا پر ان کي غلط ڪمن ۾ استعمال ڪري ربِّ ڪريم جي رضا ۽ ان جي حبيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي شفاعت جا حقدار نٿا بڻجي سگھو۔ ياد رکو! دنيا ۾ هر مشڪل ڪم کي