Gaflat Ka Anjaam

Book Name:Gaflat Ka Anjaam

گھٽ ٿيندي)(مسلم ص 1161 حديث 2096) ]2[ جُتي پائڻ کان پهرين ڇنڊي وٺو ته جيئن ڪو جيت يا پٿري وغيره هجي ته نڪري وڃي۔ ]3[ پهرين ساڄو جوتو پايو پوءِ کاٻو ۽ لاهڻ وقت پهرين کاٻو ۽ پوءِ ساڄو۔ نبي پاڪ، صاحب لولاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان عاليشان آهي؛ جڏهن توهان مان ڪو جتي پائي ته ساڄي کان ابتدا ڪري ۽ جڏهن لاهي ته کاٻي کان ابتدا ڪرڻ گھرجي ته جيئن ساڄو پير پائڻ ۾ پهرين ۽ لاهڻ وقت آخر ۾ رهي۔ (بخاري ج 4 ص 65 حديث 5855) نُزهَةُ القاري ۾ آهي؛ مسجد ۾ داخل ٿيڻ وقت حڪم هي آهي ته پهرين ساڄو پير مسجد ۾ رکي ۽ جڏهن مسجد کان نڪري ته پهرين کاٻو پير ٻاهر ڪڍي، مسجد ۾ داخل ٿيڻ وقت ان (جتي پائڻ جي ترتيب واري) حديث تي عمل دشوار آهي۔ اعليٰ حضرت امام احمد رضا خان عَلَيْهِ رَحْمَةُ الرَّحْمٰن ان جو حل هن طرح ارشاد فرمايو؛ جڏهن مسجد ۾ داخل ٿيو ته پهرين کاٻو پير ڪڍي ڪري جتي جي مٿان رکو پوءِ ساڄو پير جتي مان ڪڍي مسجد ۾ داخل ٿي وڃو، ۽ جڏهن مسجد کان ٻاهر ٿيو ته کاٻو پير ٻاهر ڪڍي جتي تي رکو پوءِ ساڄو پير ڪڍي ڪري ساڄو جوتو پايو پوءِ کاٻو پائي وٺو۔  (نزهة القاري ج 5 ص 530) ]4[ مرد مرداڻو ۽ عورت زنانو جوتو استعمال ڪري۔ ]5[ ڪنهن حضرت سيِّدتُنَا عائشه صديقه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا جن کي عرض ڪيو؛ هڪ عورت (مردن جيان) جوتا پائيندي آهي، انهن فرمايو؛ رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مرداڻي عورتن تي لعنت فرمائي آهي۔ (سنن ابي داؤد ج 4 ص 84 حديث 4099) بهار شريعت ج 3 حصي 16 صفحي 422 تي آهي؛ يعني عورتن کي مرداڻا جوتا نه پائڻ کپن۔ بلڪ اُهي تمام ڳالهيون جن ۾ مردن ۽ عورتن ۾ امتياز ٿيندو آهي انهن ۾ هر هڪ کي ٻين جي وضع اختيار ڪرڻ (يعني نقل ڪرڻ) جي ممانعت آهي، نه مرد عورت جي وضع(طرز) اختيار ڪري نه عورت مرد جي۔(بهارِ شريعت،حصو16،ص65مڪتبة المدينه) ]6[ جڏهن ويهو ته جوتا لاهي ڇڏيو جو ان سان پيرن کي آرام ملندو۔]7[ (تنگدستي جو هڪ سبب هي به آهي ته) اونڌي جوتي کي ڏسڻ ۽ ان کي سڌو نه ڪرڻ۔ ”دولتِ بي زوال“ ۾ لکيل آهي ته سڄي رات جُتي اُبتي پيل رهي ته شيطان اچي اُن تي ويهندو آهي، اهو هن جو تخت