Miraaj kay Waqiaat

Book Name:Miraaj kay Waqiaat

سج، چنڊ، تارا، آسمان، بُرج، عرش ۽ ڪرسي ۽ جنّت مون ۾ آهن "زمين چيو:"مون ۾ ڪعبو آهي، جنهن جي زِيارت ۽ طواف انبياء و مُرسلين، اولياء ۽ عام مؤمن ڪندا آهن، آسمان جواب ڏنو: مون تي بَيتُ المَعمُور آهي، هن جو طواف ملائڪ ڪندا آهن ۽ مون ۾ جنّت آهي جيڪا تمام انبياء و مُرسلين عَلَيۡهِمُ السَّلَام، تمام اولياء و صالحين رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيهم اَجْمَعِين جي مقدس رُوحن جو ٺڪاڻو آهي۔

زمين آسمان کي چيو: رسول پاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مون تي اِقامت فرمائي ۽ شريعت کي جاري فرمايو۔

جڏهن آسمان اهو ٻڌو ته جواب ڏيڻ کان لاچار ٿي ويو ۽ ماٺ ٿي ويو۔ پوءِ آسمان اللہ  تعاليٰ جي بارگاھ ۾ عرض ڪيو: اي اللہ  عَزَّوَجَلَّ تون ئي پريشان جي مدد ڪندو آهين، جڏهن اهو توکي پُڪاري، پوءِ آسمان عرض ڪرڻ لڳو: تُون محمد مصطفي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي منهنجي طرف گهراءِ ته جيئن مان ان جو شرف حاصل ڪيان، جيئن تو زمين کي ان جي جمال سان شرف بخشيو آهي"۔ اللہ  تعاليٰ هن جي دُعا قبول ڪئي ۽ معراج جي رات آسمان کي اهو شرف عطا فرمايو۔ (درۃ الناصحين،ص ۱۲۳)

روشن ہوئے سب اَرض و سَما  نُور سے اُس کے

جب مَاہِ عَرَب عَرْش پہ چمکا شبِ مِعْرَاج

الله جي عنايت                      مرحبا           معراج جي عظمت               مرحبا             اَقصيٰ جي شوڪت     مرحبا

بُراق جي قسمت                    مرحبا          بُراق جي سُرعَت              مرحبا            نبين جي اِمامت        مرحبا

آقا جي رِفعت                       مرحبا          آسمان جي قسمت              مرحبا         مڪينِ لامڪان جي عظمت   مرحبا

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد