Miraaj kay Waqiaat

Book Name:Miraaj kay Waqiaat

عَلَيه السَّلَام دروازو کولائڻ چاهيو۔ پڇيو ويو: ڪير آهي؟ حضرت جبريلِ امين عَلَيه السَّلَام جواب ڏنو: جبريل آهيان۔ پڇيو ويو: اوهان سان گڏ ڪير آهن؟ جواب ڏنو: محمدِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ۔ پڇيو ويو: ڇا انهن کي سڏيو ويو آهي؟ جواب ڏنو: هائو۔ ان تي هي چئي دروازو کوليو ويو: مَرْحَبًام بِهٖ فَنِعْمَ الْمَجِيءُ جَاءَ يعني خوش آمديد! ڪيترا ڀلا آهن اهي جيڪي تشريف کڻي آيا آهن۔

(بخارى، كتاب مناقب الانصار، باب المعراج،۲/۵۸۴،حدیث:۳۸۸۷) 

حڪيم الاُمَّت حضرت مفتي احمد يار خان نعيميرَحْمَةُ اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه فرمائن ٿا: جيتوڻيڪ ملائڪن ۾ تاجدارِ انبياء، شبِ اَسري واري مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي آمد جو پهريان کان ئي اعلان ٿي چڪو هو ۽ آسمانن کي هر طرح سجايو ۽ سينگاريو ويو هو، تشريف آوري جي ڌوم متل هئي، ان رات ڪروڙين ملائڪ ته حضورِانور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي وٺڻ لاءِ مڪه معظمه آيا هئا ۽ کوڙ ملائڪ استقبال جي لاءِ پنهنجي پنهنجي ذميدارين تي هئا ۽ اڄ جبريلِ امين عَلَيه السَّلَام ان دروازي کان حضور عَلَيه الصَّلٰوة وَالسَّلَام کي وٺي ويا جيڪو اڄ تائين ڪنهن جي لاءِ نه کوليو ويو هو اهو صرف حضور ِانور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي لاءِ ئي هو۔ (اهي سموريون ڳالهيون معلوم ٿيڻ ۽ ملائڪن ۾ تاجدارِ انبياء، شبِ اَسري واري مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي تشريف فرما ٿيڻ جي شهرت جي باوجود) دربان ملائڪ جا اهي ٽي سوال (ته توهان ڪير آهيو ؟ توهان سان گڏ ڪير آهن؟ ۽ ڇا انهن کي سڏيو ويو آهي؟) صرف ان ڪري آهن جو جبريل هي دروازو توهان جي لاءِ ته آهي نه، توهان جو دروازو ته ڪو ٻيو آهي، اڄ توهان هتان ڇو داخل ٿيڻ چاهيو ٿا، انهن فرمايو ته اڄ مان انهن سان گڏ آهيان جنهن جي لاءِ اهو دروازو بڻايو ۽ بند رکيو ويو آهي ،اڄ هن دروازي جي کلڻ جو ڏينهن آهي، تنهنڪري اهي سوال صرف ۽ صرف ضابطي ۽ قانون جي ڪاروائي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ ڪيا ويا هئا۔ (مرآة المناجيح، ۸/١٣۸ ملخصاً)

 

جڏهن رسول ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ دروازي مان لنگھي آسمان کان مٿي