Miraaj kay Waqiaat

Book Name:Miraaj kay Waqiaat

اجتماعِ شبِ براءت، اجتماعِ شبِ قدر وغيره) جي موقعن تي اِجتماعِ ذڪر و نعت جو اِهتمام به ڪيو ويندو آهي، دعوتِ اسلامي جي مُبَلِّغن جي سُنّتن ڀري بيانن جي ترڪيب ٿيندي آهي، خاص ڪري رمضان المبارڪ ۾ سُنّت اِعتڪاف جو اِهتمام ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ عاشقانِ رسول دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول ۾ ٿيڻ واري سُنّت اِعتڪاف ۾ شرڪت ڪري خوب علمِ دين جا قيمتي موتي چُونڊڻ جو شرف ماڻڻ سان گڏوگڏ مختلف مدني ڪورسز ۽ مدني قافلن ۾ سفر جي به سعادت حاصل ڪن ٿا۔ اللہ  ڪريم مجلسِ عُشر و اَطراف گاوں کي وڌيڪ برڪتون ۽ ترقيون نصيب فرمائي۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                           صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان ٻڌو ته ٭ شبِ معراج، شبِ اسريٰ جي گھوٽ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ تمام آسمانن جي سير ڪئي۔ ٭ شبِ معراج شبِ اسريٰ جي گھوٽ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ سمورن نبين سڳورن عَلَيهمُ الصَّلٰوةُ وَالسَّلام جي اِمامت ڪئي۔ ٭ شبِ معراج ،شبِ اسريٰ جي گھوٽ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلام کي ملاقات جو شرف عطا فرمايو۔ ٭ شبِ معراج شبِ اسريٰ جي گھوٽ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ربِّ ڪريم جي وڏين وڏين نشانين کي مُلاحَظه فرمايو۔ ٭ شبِ معراج، شبِ اسريٰ جي گھوٽ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ لامڪاں جي سير ڪئي۔ ٭ شبِ معراج، شبِ اسريٰ جي گھوٽ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ بغير ڪنهن واسِطي جي اللہ  ڪريم جي ديدار سان فيضياب ٿيا۔

اللہ  ڪريم معراج واري مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي صدقي اسان جي گناهن کي معاف فرمائي ۽ اسان کي بلا حساب ۽ ڪتاب جنت ۾ داخل فرمائي۔        اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين                    صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ

سڀاڻي رجب المرجب جي ستاويهين رات يعني شبِ معراج آهي، سڄي دُنيا ۾ عاشقانِ رسول اِجتماعِ معراج ۾ شرڪت ڪري سڀاڻي جي برڪت ۽ رحمت واري عظيم رات عبادت ۾ گذارڻ کان بعد 27رجب جو روزو رکڻ جي