Miraaj kay Waqiaat

Book Name:Miraaj kay Waqiaat

اختيار ڪيو۔ ٭ رڙيون ڪري ڳالهائڻ کان حد درجه احتياط ڪيو۔٭ کڻي هڪ ڏينهن جو ٻار هجي سٺين سٺين نيتن سان ان سان به اوهان توهان سان گفتگو ڪرڻ جي عادت بڻايو، اوهان جا اخلاق به اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ عمدا ٿيندا ۽ ٻار به آدب سکندو۔ ٭ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ وقت پردي جي جاءِ تي هٿ لڳائڻ، آڱرين سان بدن تان مير لاهڻ، ٻين جي سامهون بار بار نڪ کي هٿ لڳائڻ، يا نڪ يا ڪن ۾ آڱر وجهڻ، ٿُڪ اڇلائڻ سٺي ڳالهه ناهي ٭ جيستائين ٻيو ڳالهائي رهيو هجي ته اطمينان سان ٻُڌو، ان جي ڳالهه ڪٽڻ کان بچو ۽ ڳالهه ٻولهه دوران ٽهڪ ڏيڻ کان بچو ڇوته ٽهڪ لڳائڻ سنت مان ثابت ناهي۔ ڳالهائڻ وقت هميشه ياد رکو ته وڌيڪ ڳالهيون ڪرڻ سان رعب ختم ٿي ويندو آهي۔ ٭ ڪنهن سان ڳالهه ٻولهه ڪجي ته ان جو ڪو صحيح مقصد به هئڻ گهرجي ۽ هميشه مخاطب جي ظرف ۽ ان جي نفسيات جي مطابق ڳالهه ڪئي وڃي۔ ٭ بدزباني ۽ بي حيائي جي ڳالهين کان هر وقت پرهيز ڪريو، گارگند کان بچندا رهو ۽ ياد رکو ته ڪنهن مسلمان کي بنا اجازتِ شرعي گار ڏيڻ حرامِ قطعي آهي۔ (فتاوٰی رضویہ، ۲۱/۱۲۷)  بي حيائي جي ڳالهه ڪرڻ واري تي جنّت حرام آهي۔ تاجدار مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمائن ٿا؛ اُن شخص تي جنت حرام آهي جيڪو فُحش گوئي (بي حيائي جي ڳالهه) کان ڪم وٺي ٿو۔(کتابُ الصَّمْت مع موسوعۃالامام ابن ابی الدنیا، ۷/۲۰۴ حدیث: ۳۲۵)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                     صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب بهار شريعتحصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتابسنتیں۽آدابهديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.  

’’قافلے‘‘ کو جو ہر وقت تیّار ہے     مرحبا اس سے عطارؔ کو پیار ہے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                     صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد