Miraaj kay Waqiaat

Book Name:Miraaj kay Waqiaat

يعني بَيتُ المَقدِس ۾ تمام نبين ۽ رسولن عَلَيهمُ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي اڳتي ڪيو، جيئن مَخدُوم پنهنجي خادِمن کان اڳتي هوندو آهي۔

سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه عَزَّوَجَلَّ! ڇا خُوب نماز هئي! جو تمام اَنبياء ۽ رسول عَلَيهمُ الصَّلٰوة وَالسَّلَام مقتدي، اسان جا پيارا آقا، مديني وارا مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ اِمام ۽ پهريون قبلو جاءِ نماز آهي، يقيناً ڪائنات ۾ اهڙي نماز پهريان ڪڏهن نه ٿي، فلڪ اهڙو نَظارو ڪڏهن نه ڏٺو۔ معراج واري رات، شَبِ اَسرٰي جي سردار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اَوّل ۽ آخر هئڻ جو راز به کلي ويو، ۽ معنٰي روزِ روشن جيان واضح ٿي وئي، ڇوته پاڻ سڳورا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جيڪي سڀني کان آخري رسول آهن، پهريان جي نبين ۽ رسولن جي اِمامَت فرمائي رهيا آهن۔ انهيءَ راز کي بَيان ڪندي اَعليٰ حضرت، اِمامِ اَهلسُنَّت، مولانا شاھ اِمام احمد رضا خان عَلَيه رَحْمَة ُالرَّحْمٰن فرمائن ٿا:

نمازِ اَقْصٰی میں تھا یہی سِرّ، عِیاں ہوں معنیِ اوّل آخِر

کہ دَست بستہ ہیں پیچھے حاضِر، جو سلطنت آگے کر گئے تھے

مختصر وضاحت: شبِ معراج مسجدِ اقصيٰ ۾ حضورصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ سمورن نبين عليهم السلام جي امامت فرمائي ۽ انهن کي نماز پڙھائي، ان ۾ اهو راز هو ته پهرين ۽ آخري جو فرق واضح ٿي وڃي، اهو واضح ٿي وڃي ته سڀني نبين کان آخر ۾ تشريف کڻي اچڻ وارو نبي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪنهن نبي کان شان ۽ عظمت ۾ گھٽ ناهن بلڪه شان ۽ عظمت ۾ سڀني کان وڌيڪ آهن، ان جو دليل هي آهي ته اهي سمورا نبي جيڪي اڳ ۾ پنهنجي نُـبُوّتن جو اعلان ڪري چڪا هئا، اهي سمورا هٿ ٻڌي مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پٺيان بيٺل آهن۔

مقتدی ہیں سارے انبیاء       مُصْطَفٰے اِمام ہوگئے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد