Miraaj kay Waqiaat

Book Name:Miraaj kay Waqiaat

چونڊيو ويو هو جيئن ته حضرت سَيِّدُنا اَنَس بِن مالِڪ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان مروي آهي ته پياري آقا، شبِ اسرٰي جي گھوٽ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: مون وٽ بُرَاق (جنهن جو نالو جارُود هو) آندو ويو، جيڪو گڏھ کان وڏو ۽ خچر کان ننڍو، انتهائي سفيد رنگ جو ڊگھي قد وارو جانور هو، ان جو قدم نظر جي انتهاء تي پوندو هو۔ (مسلم ،کتاب الایمان ، باب الاسراء برسول اللہ …الخ ،ص۸۷،حدیث:۴۱۱) 

حڪيم الاُمَّت حضرت مفتي احمد يار خان رَحْمَة اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه فرمائن ٿا: هتي (حطيمِ ڪعبه ۾) سينو پاڪ چاڪ ڪيو ويو، ڪوثر ۽ زمزم سان غسل ڏنو، جنّتي حُلّو (جنتي لباس) پارائي حضور کي گھوٽ بڻايو ويو ۽ پوءِ هتان کان ڄڃ جي جلوس ۾ شبِ اَسري جي سردار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي وٺي ملائڪ هليا، جبريلِ امين عَلَيه السَّلَام تاجدارِ انبياء شبِ اَسري واري مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي سوار ڪيو، رڪاب جناب جبريل عَلَيه السَّلَام ورتي ۽ لگام حضرت ميڪائيل عَلَيه السَّلَام پڪڙي ۽ ان وڏي شان سان سردار جي سواري هلي۔ خيال رهي ته حضورِ انور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو بُراق تي سوار ٿيڻ اظهارِ شان جي لاءِ هو جيئن گھوٽ گھوڙي تي هوندا آهن ۽ ڄاڃي پيادل، هي بُراق خاص تاجدارِ انبياء، معراج جي گھوٽ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي لاءِ هو ۽ آهي۔ انهيءَ تي حضور معراج ۾ به سوار ٿيا ۽ قيامت ۾ به سوار ٿيندا۔ هي جنّت ۾ چرندو رهيو آهي، جنّت ۾ سواري جي لاءِ هر نبي جو هڪ عليحده بُراق هوندو پر حضورِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو بُراق سڀني کان اعليٰ هوندو ۽ اهو هي ئي بُراق آهي۔

(مرآۃ المناجیح،ص۱۳۶-۱۳۷ملخصا،بتغیرقلیل)

اميرِ اهلسنّت دَامَت بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه  ڇا نه بهترين نقشو ڇڪيو آهي:

 

جِبْرِیلِ امین بُراق لئے جنّت سے زمین پر آپہنچے                  بارات فِرِشتوں کی آئی مِعراج کو دولہا جاتے ہیں

ہے خُلْد  کا جوڑا زیبِ بدن  رحمت کا سجا سہرا سر پر                کیا خوب سُہانا ہے منظر مِعْراج کو دولہا جاتے ہیں

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد