Zulm Ka Anjam

Book Name:Zulm Ka Anjam

بڻايو ويو ته تو انهن کي محروم ڪيو ۽ توکي اها به خبر آهي ته ظلم جو تير پار ٿيندو آهي خطا ناهي ٿيندو خاص ڪري انهن جي دلين مان جنهن کي تو ڏک ڏنو، انهن جگرن کان جن کي تو بکيو رکيو ۽ انهن جي جسمن کان جن کي تو بي لباس رکيو، اها ڳالھ ممڪن ناهي ته مظلوم مري وڃن ۽ ظالم هميشه باقي رهن۔ تنهنجي مرضي تون جيڪو چاهي ڪر اسان صبر ڪنداسين ۽ اللہ  پاڪ جي بارگاھ ۾ ظلم جي شڪايت ڪنداسين۔“ (خط کي پڙھڻ سان ان تي گهڻو اثر ٿيو) ان کان بعد احمد بن طولون ماڻهن جي فيصلن ۾ انصاف ڪرڻ لڳو۔          (المستطرف في ڪل فن مستظرف ، ۱/۱۹۰)

صَلُّو ا عَلَي الْحَبِيب !                                                                                                      صلَّي الله تعالٰي علٰي محمَّد

ظالمن جي مدد به بُري آهي:

      مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اوهان ڏٺو ته حضرت سيدتنا نفيسه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْها جڏهن ان ظالم شخص جي اصلاح ڪندي ان کي سمجھايائين ته هو پنهنجي ظلم کان مڙي ويو ۽ ماڻهن ۾ عدل ۽ انصاف ڪرڻ وارو بڻجي ويو۔ حضرت سَيدَتُنَا نفيسه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْها گھڻي پاڪباز خاتون هئي، پاڻ ڏينهن ۾ روزو رکنديون هيون ۽ سڄي رات عبادتِ الٰهي ۾ مشغول رهنديون هيون، حرمِ نبي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان ڪڏهن جدا نه ٿينديون هيون، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْها ٽيھ (30) حج ڪيا جن مان اڪثر پيدل ڪيا ها، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْها ڪعبي شريف جي پردن کي پڪڙي زارو قطار روئنديون هيون ۽ بارگاھ الٰهي ۾ فرياد ڪنديون هيون ته: خدايا! مون کي پنهنجي رضا تي راضي رک ۔ (نور الابصار،ص۳۹۰) تنهنڪري اسان کي به گھرجي ته ڪنهن تي ظلم ٿيندي ڏسي ڪري مظلوم جي مدد ڪريون، پنهنجي قدرت جي مطابق ظالم کي روڪڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪريون ۽ پاڻ به پنهنجن ٻارن ٻچن، رشتيدارن، ملازمن، نوڪرن ۽ عام مسلمانن تي ڪنهن به طرح جو ظلم نه ڪيون پاڻ به ظلم کان بچون، ٻين کي به ظلم کان روڪڻ جي ڪوشش ڪريون ۽ ڪنهن ظالم سان ملي ان جي جُرم ۾ شامل نه ٿيون ڇوته ظالمن جي مدد ڪرڻ واري جو انجام به گھڻو بُرو هوندو آهي، جيئن