Zulm Ka Anjam

Book Name:Zulm Ka Anjam

          نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: جنهن ڪنهن ظالم جي باطل ڪم تي مدد ڪئي ته جيئن هو ان جي ذريعي حق کي پري ڪري ته هو اللہ  پاڪ ۽ ان جي رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ذِمي کان بَري آهي ۽ جيڪو ظالم سان گڏ ان جي مدد جي لاءِ ويو، جڏهن ته ان کي خبر آهي ته هي ظالم آهي ته هو اسلام مان خارج ٿي ويو۔ (المعجم الاوسط،۲/۱۸۰، الحديث:۲۹۴۴۔المعجم الڪبير،ج۱،ص۲۲۷، الحديث :۶۱۹)

       حڪيم الامت حضرت علامه مولانا مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا :  هلڻ مان مراد مطلقًا ان جي ظلم تي مدد ڏيڻ آهي۔ چاهي ان سان گڏ هلي ڪريو يا گھر ۾ ويهي، چاهي زبان سان هجي يا قلم سان، ظلم جي مدد بهرحال حرام آهي۔ رب تعاليٰ فرمائي ٿو:

وَ لَا تَعَاوَنُوْا عَلَى الْاِثْمِ وَ الْعُدْوَانِ۪-

(ترجمو ڪنز الايمان : ۽ گناهه ۽ زيادتي ۾ هڪ ٻئي کي مدد نه ڏيو.) (پ۶،المائدۃ:۲)

          اڄوڪي دور ۾ ظالمن کان وڌيڪ ظالمن جا حمايتي ماڻهو آهن۔ وڌيڪ فرمائن ٿا يعني اهي ظالمن جا حمايتي اسلام جي نور مان نڪري ويا يا اسلام جي حقيقت کان خارج ٿي ويا ڇوته اسلام جي حقيقت هي آهي ته ماڻهو ان جي شر کان سلامت رهن۔ (مراۃ المناجيح،۶/۶۷۹)

ظالمن جي مددگارن جو انجام !

      ابنِ هُبَيرَه جڏهن امام منصور بن معتمر رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي قاضي (Judge) بڻائڻ جو ارادو ڪيو ته منصور چيائين: مان قاضي نه بڻجندس ڇوته مون حضرت سيدُنا ابراهيم نخعي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کان هڪ حديث ٻڌي آهي۔ ابنِ هبَيره چيائين: انهن توکي ڪهڙي حديث ٻڌائي آهي؟ منصور چيو: حضرت سيدُنا ابراهيم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه حضرت سيدُنا علقمهرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کان ۽ ان حضرت سيدُنا ابنِ مسعود رَضِىَ اللهُ تَعَالٰي عَنْه کان روايت ڪئي ته حُضور نبي رحمت، شفيعِ اُمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ