Zulm Ka Anjam

Book Name:Zulm Ka Anjam

وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: ”جڏهن قيامت جو ڏينهن ٿيندو ته هڪ منادي ندا ڪندو(يعني آواز ڏيڻ وارو آواز ڏيندو): ڪٿي آهن ظلم ڪرڻ وارا؟ ڪٿي آهن ظالمن جا مددگار؟ ڪٿي آهن ظالمن جا حمايتي؟ ايستائين جو انهن ماڻهن کي به آندو ويندو جن ظالمن جي لاءِ قلم تراشو هوندو يا مَس ڀري هوندي ته انهن سڀني کي لوهي تابوت ۾ گڏ ڪري جهنم جي باھ ۾ اڇلايو ويندو۔

 (مسند الفردوس، ۱/ ۱۵۳، حديث: ۹۹۵،عن ابى هريرة) (المستطرف في ڪل فن مستظرف،۱ / ۱۸۸) 

قيامت جي ڏينهن ظلم جو حساب ڪيئن ڏينداسين؟

      مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اوهان ڏٺو ته اسان جا بُزرگانِ دين دنياوي عهدو ۽ منصب قبول ڪرڻ کان ڊڄندا ها ڇاڪاڻ ته انهن کي خبر هئي ته جيڪو ڪنهن منصب تي فائز ٿي ويندو آهي ممڪن آهي هو ڪنهن فيصلي ۾ ناانصافي ڪري، ڪنهن سان ظلم ڪري، نه چاهيندي به ڪنهن جي حق تلفي ڪري ۽ ان ڪري ان کي بروزِ قيامت اللہ  ڪريم جي بارگاھ ۾ ذلت ۽ رسوائي کي منهن ڏيڻو پئجي وڃي۔ تنهنڪري ظلم کان بچڻ جي لاءِ اسان کي اها ڳالھ ذهن ۾ چڱي نموني ويهارڻ گھرجي ته جيڪڏهن اڄ مان پنهنجي شهرت، دولت يا پنهنجي طاقت جي سبب ڪنهن غريب تي ظلم ڪندس ته دنيا ۾ ٿي سگھي ٿو ته مون کي ڪو پڪڙي نه سگھي ۽ مون کي ظلم جي سزا نه ڏني وڃي پر مرڻ کان بعد جڏهن ميدانِ محشر ۾ حساب ۽ ڪتاب جو سلسلو شروع ٿيندو ان وقت ڇا ڪندس؟ ڇا ان وقت به مون کي پنهنجي شهرت جي سبب حساب ۽ ڪتاب مان ڇوٽڪارو ملي ويندو؟ ڇا ان وقت به دنياوي شخصيات کان تعلقات اسان جي ڪم ايندا؟ ڇا ان وقت جسماني طاقت جي ڪري اسان جي آزادي جي صورت بڻجي سگھندي؟ بلڪل نه ڇوته ان وقت اسان جي دنياوي ڪورٽ نه هوندي جنهن ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن بي قصور کي قصور وار ثابت ڪري پاڻ باعزت بري ٿي ويندا آهن بلڪ اها عدالت ته ان مالڪ ڪائنات جي هوندي جيڪو سڄي دنيا جو حقيقي بادشاھ آهي ان ڏينهن ته ننڍي کان ننڍي ظلم ۽ حق تلفي جو به بدلو ورتو ويندو مثال طور دنيا ۾ ڪنهن کي گار ڏني هوندي،