Zulm Ka Anjam

Book Name:Zulm Ka Anjam

بِلااجازتِ شَرعي ڌڙڪا ڏنا هوندا، ڪنهن جي بي عزّتي ڪئي هوندي، ڪنهن کي ذليل ڪيو هوندو، مار ڪٽ ڪئي هوندي، عارضي شيون وٺي قصداً واپَس نه موٽايون هونديون، ڪنهن جو قرض دٻائي، دل ڏُکائي ان کي ناراض ڪيو هوندو، اکيون ڏيکاري ڊيڄاريو هوندو، مطلب ته ان ڏينهن ته هر هڪ ظلم جو حساب ڏيڻو پوندو، تنهنڪري آخرت ۾ حساب ڏيڻ کان بهتر آهي اسان حياتي ۾ دنيا ۾ ئي هر هڪ کان هٿ ٻڌي، ان جي سامهون ٻاڏائي ڪري ڪيل زيادتين ۽ حق تلفين جي معافي گھري وٺون ڇوته دنيا ۾ ته معافي تلافي جي ذريعي ڪم بڻجي سگھي ٿو پر بروزِ قيامت حساب ڏيڻ کان سواء ڪا صورت نه هوندي۔ جيئن ته اسان جي پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ به اسان کي ان جي ترغيب ڏياري آهي جيئن ته فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهي: جنهن جي ذمي پنهنجي ڀاءُ جي عزت وغيره ڪنهن ڳالھ تي ظُلم ڪيو هجي ته ان تي لازم آهي ته قيامت جو ڏينهن اچڻ کان اڳ هتي دنيا ئي ۾ معاف گھري وٺي، ڇوته اتي نه دينار هوندا ۽ نه درهم، جيڪڏهن ان وٽ ڪجھ نيڪيون هونديون ته ان جي حق جي برابر هن کان وٺي ان کي ڏنيون وينديون نه ته ان(مظلوم) جا گناھ ان (ظالم) تي رکيا ويندا۔

(بخاري،ڪتاب المظالم و الغضب ،باب من ڪانے له مظلمۃ ۔۔الخ ، ۲/۱۲۸، حديث :۲۴۴۹ )

      مشهور مفسرِ قرآن، حڪيم الامت مفتي احمد يار خان نعيميرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا ته جيڪڏهن توهان دُنيا ۾ ماڻهن جا حق اَدا نه ڪيا ته پوءِ هر صورت ۾ قِيامت ۾ اَدا ڪندؤ، هتي دنيا ۾ مال مان ۽ آخِرت ۾ عملن سان ، تنهنڪري بهتري انهيءَ ۾ آهي ته دُنيا ئي ۾ ادا ڪريو، نه ته پڇتائڻو پوندو۔  (مراٰۃ المناجيح ،ج۶ ص ۶۷۳)

ہمیشہ ہاتھ بھلائی کے واسطے اُٹھیں

بچانا ظلم و ستم سے مجھے سدا یارَبّ!

رہیں بھلائی کی راہوں میں گامزن ہر دَم

کریں نہ رُخ مرے پاؤں گُناہ کا یا رَبّ!