Zulm Ka Anjam

Book Name:Zulm Ka Anjam

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”فجر کان پوءِمدني حلقو“

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جيڪڏهن اوهان به ظُلم وسِتم جي آفتن کان پري رهڻ چاهيو ٿا ۽ چڱيون عادتون اپڻائڻ چاهيو ٿا ته عاشقانِ رسول جي مسجد ڀريو مدني تحريڪ دعوت ِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ نيڪي جي ڪمن ۾ ترقي جي لاءِ ذيلي حلقي ۾ 12 مدني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺو، ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم نمازِ فجر کان پوءِ مدني حلقو به آهي، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هن مدني حلقي ۾، ٽي قرآني آيتن جي تلاوت ساڻ تَرجمو ڪنزالايمان ۽ تفسير خزائنُ العرفان / تفسيرنورُالْعرفان / تفسير صِراطُ الجنان، درسِ فيضانِ سُنَّت (4 صفحات) ۽ آخر ۾ شَجرہ قادِريه، رَضَويه، ضيائيه، عطاريه پڙهيو ۽ ٻڌو ويندو آهي. ان کان بعد شجري جا ڪجھ نه ڪجھ ورد وظيفا ۽ اِشراق وچاشت جا نفل پڙھڻ جي به ترڪيب ٿيندي آهي۔ قرآنِ مجيد پڙهڻ پڙهائڻ ۽ سمجھڻ سمجھائڻ جي ته ڇا ڳالھ آهي.

  حضرتِ سيدُنا اَنَس رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان رِوايت آهي ته رسولِ اڪرم،نُورِ مُجَسَّم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن اِرشاد فرمايو: جنهن شَخص قرآنِ پاڪ سکيو ۽ سيکاريو ۽ جيڪو ڪجھ قرآنِ پاڪ ۾ آهي، ان تي عمل ڪيو، قرآن شريف ان جي شفاعت ڪندو ۽ جنّت ۾ وٺي ويندو۔ (تاريخ ابن عساڪر،۴۱/۳، معجم ڪبير، ۱۰/ ۱۹۸ حديث: ۱۰۴۵۰) هڪ ٻي حديث پاڪ ۾ آهي: جنهن شَخص قرآنِ مجيد جي هڪ آيت يا دِين جي ڪا سنّت سيکاري قِيامت جي ڏينهن اللہ  عَزَّوَجَلَّ ان جي لاءِ اهڙو ثواب تيار ڪندو جو ان کان بهتر ثواب ڪنهن جي لاءِ به نه هوندو۔ (جمع الجوامع، ۷/۲۸۱، حديث:۲۲۴۵۴)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان کي به گھرجي ته اسان دعوتِ اسلامي جي مدني