Zulm Ka Anjam

Book Name:Zulm Ka Anjam

ماحول سان وابسته ٿي 12 مدني ڪمن جي ذريعي دعوتِ اسلامي جو مدني پيغام خوب عام ڪيون ۽ شريعت جي دائري ۾ رهندي دنيا سان گڏوگڏ پنهنجي آخِرت به بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪريون۔

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! دعوت اسلامي جو مدني ماحول لکين بگڙيل ماڻهن جي اصلاح جو سبب بڻيو آهي۔ اچو! ترغيب جي لاءِ مدني ماحول سان وابستگي جي هڪ مدني بهار ٻڌو۔ جيئن

روحاني ۽ جسماني مرض ختم ٿي ويا

مراد آباد (يوپي، هند) جي محلي نئين بستي ۾ رهائشي هڪ اسلامي ڀاءُ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿيڻ کان پهريان ڪافي بيمارين ۾ مبتلا هو، ان کي نه نمازن جو هوش هو ۽ نه ئي سُنّتن تي عمل ڪرڻ جو جذبو، نوان نوان فيشن اپنائڻ ۽ بي حيائي جي ڪمن ۾ مبتلا رهڻ ان جو معمول بڻجي چڪو هو۔ گناهن جو مريض هئڻ سان گڏوگڏ جسماني طور تي به بيمار هو، ان جي نڪ جي هڏي وڌي چڪي هئي ۽ دل ۾ به سور رهندو هو جنهن سبب ذهني تڪليف ۾ مبتلا رهندو هو۔ خوش قسمتي سان هڪ ڀيرو ان کي دعوتِ اسلامي تحت سُنّتن جي تربيت جي لاءِ سفر ڪرڻ واري مدني قافلي ۾ سفر ڪرڻ جي سعادت نصيب ٿي، عاشقانِ رسول جي صحبت ته ڇا ملي ان جي ته زندگي ۾ مدني انقلاب پيدا ٿي ويو، راھ خدا ۾ گذرندڙ وقت جي سبب ان کي پنهنجي بدعملي تي شرمندگي ٿيڻ لڳي، ان پنهنجي سمورن گناهن کان توبه ڪئي ۽ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي ويو۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! مدني قافلي کان واپسي تي راھ خدا ۾ گھريل دعائن جي برڪت سان نه صرف ان جي نڪ جي وڌيل هڏي درست ٿي چڪي هئي بلڪ ڪجھ ئي ڏينهن ۾ ان جي دل جو مرض به ختم ٿي ويو۔

لُوٹنے     رحمتیں      قافلے      میں       چلو           سیکھنے  سُنتیں قافلے میں چلو

ہوں گی حل مشکلیں قافلےمیں      ختم ہوں آفتیں قافلے میں چلو