Zulm Ka Anjam

Book Name:Zulm Ka Anjam

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

اميراهلسنت بانيِ دعوت اسلامي حضرت علاما مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ وقت به وقت امتِ مسلمه جي خير خواهي ڪندي اسلامي زندگي سهڻي اصولن جي مطابق گزارڻ جي لاءِ مدني تربيت جا قيمتي مدني گل ارشاد فرمائيندا رهندا آهن، ڪيئي مدني مذاڪرن ۾ ”ظلم“ جي عنوان تي پاڻ نهايت پياري انداز ۾ امتِ مسلمه کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي اچو! ڪجهه مدني گل اسان به ٻڌون ٿا، پاڻ فرمائن ٿا:

٭   باعمل مسلمان غير مسلمانن تي ظلم ناهي ڪندو، ڌوڪو ناهي ڏيندو.

(14آگسٽ2014)

٭   جانور تي ظلم ڪرڻ مسلمان تي ظلم ڪرڻ کان سخت آهي. (28سيپٽمبر2014)

٭   جنهن اڄ تائين جانورن تي ڪنهن قسم جو به ظلم ڪيو هجي اهي سڀئي توبهه ڪن. (17آڪٽوبر2014)

٭   ڪڏهن به جانورن تي ظلم نه ڪيو. مظلوم چاهي ڪافر هجي يا جانور، ان جي بد دعا قبول آهي. (8نومبر2014)

٭   ٻار کي ٻئي ٻار تي ظلم ڪرڻ جي اجازت ناهي. (28فيبروري2015)

٭   دينِ اسلام، غير مسلم تي به ظلم ڪرڻ کان منع ڪري ٿو. (15ڊسمبر1015)

٭   مسلمان جي غيبت ڪرڻ به ظلم آهي. (19ڊسمبر2015)

٭   حقوق العباد کي ضايع ڪرڻ به ظلم آهي. (21جنوري2016)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان جي مُعاشري ۾ ڏٺو ويو آهي ته جنهن جو جنهن