Zulm Ka Anjam

Book Name:Zulm Ka Anjam

تي وس هلي ٿو اهو پنهنجو زور استعمال ڪري ٿو، ڳالھ ڳالھ تي ان کي هروڀرو ذليل ۽ رُسوا ڪري ٿو، ان جي مال ۽ جائيداد تي قبضو ڪري ٿو، سيٺ پنهنجو زور ڏيکاري شريف ملازم يا نوڪر کان خوب ڪم ڪرائي ٿو پر پگھار نٿو ڏي، سس پنهنجي ننهن يا ننهن پنهنجي سس تي ظلم ڪندي نظر ايندي آهي، چورن ڌاڙيلن کي ڪنهن جي چڱي موبائل يا روپين جي خبر ملي وڃي ته ان ويچاري کي منٽن ۾ ڪنگال ڪري ڇڏيندا آهن ڇوته انهن کي خبر هوندي آهي ته ان ۾ وڙهڻ يا بدلو وٺڻ جي همت ۽ حوصلو ناهي تنهنڪري دل کولي پنهنجي طاقت (Power) ۽ رعب(Awe) جو استعمال ڪريو۔

اهوئي نه! ڪڏهن ته مذهبي ڏسڻ ۾ ايندڙ به اهڙيون بي احتياطون ڪندا آهن  جو انهن کي نه ڪرڻ گهرجن مثال طور مسجد جي انتظاميه يا مسجد کي چندو ڏيڻ وارا افراد ڪڏهن ڪڏهن امام صاحب جي هڪ منٽ به دير سان اچڻ جي سبب سڀني جي سامهون بي عزت ڪندا هوندا ته”حضرت!وقت جي پابندي ڪندا ڪيو، اوهان ته امام آهيو“ هرون ڀرون بي عزتي ڪرڻ وارا نادان اهو نه ٿا سوچين ته امام ويچارو به انسان آهي، ان کي به ڪا مجبوري ٿي سگهي ٿي، اهڙو نادان شخص اللہ  پاڪ جي راهه ۾ مسجد کي چندو ڏيڻ وارو ڄڻ اهو سمجهي ٿو ته هاڻي مان جيڪو چاهيان ڪيان، مان جيئن چوان ايئن ٿيڻ گهرجي، جنهن مسجد ۾ اهڙو ماحول هوندو، اتي محبتن جي بدران نفرت ديوار بيهي سگهي ٿي،  

      ياد رکو! جنهن ڪمزور شخص تي اسان ظلم ڪيو، ٿي سگھي ٿو هو اسان کان بدلو نه وٺي سگھي پر ممڪن آهي ته ”جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي “ جي مطابق ڪو ٻيو اسان تي قابض ٿي اسان سان پڻ ساڳيو سلوڪ ڪري ۽ اسان ڪجھ به نه ڪري سگهون ۔اللہ  پاڪ سيپارو 8 سُوْرَۃُ الْانْعَام آيت نمبر 129 ۾ ظالمن کي خبردار ڪندي ارشاد فرمائي ٿو: