Zulm Ka Anjam

Book Name:Zulm Ka Anjam

وَ كَذٰلِكَ نُوَلِّیْ بَعْضَ الظّٰلِمِیْنَ بَعْضًۢا بِمَا كَانُوْا یَكْسِبُوْنَ۠(۱۲۹)

٠ترجموڪنزالايمان؛ ۽ اهڙي طرح اسان ظالمن مان هڪڙن کي ٻين تي مُسَلَّط ڪندا آهيون۔ سندن ڪرتوتن جي بدلي۔

ظلم ڪرڻ وارن کي عبرت ڏياريندڙ نصيحت:

           تفسير صراط الجنان جلد 3 صفحي 209 تي آهي: هن آيت سڳوري ۾ ظلم ڪرڻ وارن جي لاءِ وڏي نصيحت (Advice) آهي، جيئن حضرت ابوعبداللہ  محمد بن احمد قرطبي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: هن آيت ۾ ظلم ڪرڻ وارن کي تنبيھ ڪئي پئي وڃي ته جيڪڏهن هو پنهنجي ظلم کان نه مڙيا ته اللہ  تعاليٰ انهن تي ٻيو ظالم مسلط ڪندو، هن آيت ۾ هر قسم جا ظالم داخل آهن، اهو شخص جيڪو گناھ ڪري پنهنجي جان تي ظلم ڪري ٿو، جيڪو حاڪم يا افسر پنهنجي رعايا ۽ ماتحت ماڻهن تي ظلم ڪري ٿو، جيڪو واپاري (Merchant) جعلي ۽ ملاوٽ واريون شيون وڪڻي خريدارن تي ظلم ڪري ٿو، اهڙي طرح جيڪي چور ۽ ڌاڙيل مسافرن ۽ شهرين کان ڦُر مار ڪري انهن تي ظلم ڪن ٿا اهي سڀئي ظالم جي صف ۾ شامل آهن، انهن سڀني تي اللہ  تعاليٰ ڪو انهن کان وڏو ظالم مسلط ڪندو آهي۔ (تفسيرقرطبي، الانعام، تحت الآيۃ: ۱۲۹، ۴/۶۲، الجزء: ۷ بتغير قليل )

 بدلو وٺڻ بدران معاف ڪري ڇڏيو!

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ظالم چاهي ڪنهن تي ڪيترو ئي ظلم ڪري پر نيٺ ان کي ظُلم جي سزا ضرور ملندي آهي ۽ اللہ  پاڪ ڪنهن ٻي ظالم کي ان تي مسلط ڪري مظلوم جو بدلو ڏياريندو آهي. جيڪڏهن مظلوم پاڻ ئي ظالم کان بدلو وٺڻ چاهي ته شريعت ۾ ان جي اجازت آهي پر ائين نه ٿئي ته بدلو وٺڻ جي ڪوشش ۾ حد کان وڌي پاڻ به ظالم بڻجي وڃي۔ مثال طور ڪنهن هڪ چماٽ هنئي ته ٻه چماٽون وهائي ڪڍي، ڪنهن مٿو ڦاڙيو ته ان جي مٿي سان گڏوگڏ جسم جو ٻيو حصو به زخمي ڪري ڇڏي، ڪنهن ٻانهن ٽوڙي ته ان جي ٻانهن ئي جسم کان جدا ڪري ڇڏي، ڪنهن ٽنگ ٽوڙي