Zulm Ka Anjam

Book Name:Zulm Ka Anjam

ته ان جي ٽنگ ئي ڪپي ڇڏي ڪنهن اسان جي عزيز کي قتل ڪيو ته قاتل جي سڄي خاندان کي ئي موت جي ننڊ سمهاريو وڃي بلڪ جيترو ان تي ظلم ٿيو ايترو ئي بدلو وٺڻ جي اجازت آهي ان کان وڌيڪ بدلو نٿي وٺي سگھي نه ته پهريان جيڪو مظلوم هو هاڻي اهو ئي ظالم چئبو۔ اهڙي صورت ۾ بهتر هي آهي ته ازخود بدلو وٺڻ جي بدران شرعي رهنمائي وٺي قانون جو سهارو ورتو وڃي شرعي ۽ قانوني طور تي ان ظلم جي جيڪا سزا بڻجي ٿي ظالم کي اها سزا ڏيارڻ جو مطالبو ڪيو وڃي۔ مُفتِي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: ملڪي انتظام صرف ٻن شين سان قائم رهي سگھي ٿو سزائون سخت هجن جيئن اسلامي سزائون آهن ۽ ڪنهن مجرم جي رعايت ضمانت نه هجي ڪو بدمعاش قانون جي پڪڙ کان بچي نه سگھي۔ (مرآۃ المناجيح ،۵/۳۱۱) بدلو وٺڻ وقت هن ڳالھ جو امڪان رهندو آهي ته انسان ڪاوڙ ۾ اچي ڪجھ زيادتي نه ڪري ويهي، جيتري طاقت سان ڪنهن چماٽ هنئي، ممڪن آهي بدلو وٺڻ وارو ان کان وڌيڪ طاقت سان هڻي ته ان جي به منع آهي۔ تنهنڪري بدلو وٺڻ جي قدرت جي باوجود معاف ڪرڻ ان کان وڌيڪ بهتر ۽ آخرت ۾ اجر ۽ ثواب جو سبب آهي۔ سيپارو 25 سُورۃُ الشوريٰ آيت نمبر 40 ۾ ارشادِ باري تعاليٰ آهي:

وَ جَزٰٓؤُا سَیِّئَةٍ سَیِّئَةٌ مِّثْلُهَاۚ-فَمَنْ عَفَا وَ اَصْلَحَ فَاَجْرُهٗ عَلَى اللّٰهِؕ-اِنَّهٗ لَا یُحِبُّ الظّٰلِمِیْنَ(۴۰)                                

ترجمو ڪنز الايمان: ۽ برائي جو بدلو انهيءَ جي برابر برائي آهي پوءِ جنهن معاف ڪيو ۽ ڪم درست ڪيائين ته پوءِ ان جو اجر اللہ  تي آهي بيشڪ اهو پسند نه ٿو ڪري ظالمن کي.

هن آيت سڳوري مان معلوم ٿيو ته بُرائي جي برابر بدلو وٺڻ جيتوڻيڪ جائز آهي پر بدلو نه وٺڻ ۽ معاف ڪرڻ افضل آهي۔ اسان جي پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ زندگي ۾ ان جا کوڙ مثال موجود آهن جو رسول اڪرمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ پاڻ تي ظلم ڪرڻ وارن کي رضاءِ الٰهي جي لاءِ معاف