Zulm Ka Anjam

Book Name:Zulm Ka Anjam

ڪري ڇڏيو ۽ قدرت باوجود انهن کان بدلو نه وٺندا هئا۔ اچو! ان جا ٻه (2) مثال ٻڌو ۽ معاف ڪرڻ جي عادت بڻايو، جيئن ته

(1)   …صلحِ حُدَيبِيه جي سال جبلِ تَنۡعِيَم واري پاسي کان اسّي(80) ماڻهن جو ٽولو نبي اڪرمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي شهيد ڪرڻ جي ارادي سان آيو، جڏهن پاڻ ڪريمن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ انهن تي غلبو ماڻي ورتو ته بدلو وٺڻ تي قدرت جي باوجود انهن تي احسان ڪندي ڇڏي ڏنائون۔

(2)   …غورث بن حارث جنهن ننڊ جي حالت ۾ رحمت عالَم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي وار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر حضورِ اَقدس صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَبيدار ٿي ويا ۽ جڏهن ان جي تلوار پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي قبضي ۾ اچي وئي ۽ صحابه ڪرام رَضِىَ الله تَعَالٰى عَنْهمْ کي سڏائي ان جي ارادي کان باخبر به ڪيائون ۽ قدرت جي باوجود رحمت عالم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان کي معاف ڪري ڇڏيائون۔ (تفسير ابن ڪثير، الشوري، تحت الآيۃ: ۳۹، ۷/۱۹۳-۱۹۴) (صراط الجنان،۹/۸۳ )

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مجلس دارُالمدينه:

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته اسان جي نبي، مڪي مدني صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو عفو و درگذر جو انداز تمام ئي نرالو هو، پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ هڪ ڀيرو نه بلڪ ڪيئي ڀيرا پنهنجي ذات کي نشانو بڻائڻ وارن کان ڪڏهن به بدلو نه ورتائون بلڪ هميشه معافي سان نوازيندا رهيا، تنهنڪري اسان کي گھرجي ته اسان به نبي اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي هن سنت تي عمل ڪندي معاف ڪرڻ جو جذبو پنهنجي اندر پيدا ڪريون۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ عاشقان رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي اهڙي ئي پياري عادتون اپنائڻ جي ترغيب ڏياريندي آهي ۽ اُمّتِ مسلمه ۾ دِيني تعليمات عام ڪرڻ جي لاءِ مختلف موقعا فراهم ڪندي آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! دعوتِ اسلامي علم دين سيکارڻ جي لاءِ جامعاتُ المدينه، مدارسُ المدينه، سُنَّتن ڀريا اجتماع، مَدَني قافلا، علاقائي دورو